ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن واري صوث وزير جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي پاڻي چوري خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن ۽ لائنن ۾ موجود ليڪيجز جو خاتمو ڪيو وڃي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جو عملي کي هدايتون ڪيو ويون، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم پاران ضلعي اولهه ۽ حب پمپنگ اسٽيشن جو دورو. پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ آفيسرن کي ھدايتون جاري، تفصيل موجب وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم واٽر بورڊ جي اعليٰ عملدارن سان گڏ ضلعي اولهه ۽ حب پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وائيس چيئرمين پاران واٽر بورڊ عملدارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو تہ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مؤثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن، هن جو چوڻ هو تہ پاڻي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نہ ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واريون سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ پاران چيف سيڪيورٽي آفيسر واٽر بورڊ ۽ انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ کي هدايتون جاري ڪندي چيو تہ پاڻي چوري خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن ۽ لائنن ۾ موجود ليڪيجز جو خاتمو ڪيو وڃي، ان کان علاوه سمورن غير قانوني هائيڊرنٽس ۽ غير قانوني ڪنيڪشنن کي ڪاٽيو وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ان موقعي تي اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، سپريڊنٽ انجنيئر مصطفي مڱھڻ، سپريڊنٽ انجنيئر غلام محمد حب، چيف سيڪيورٽي آفيسر واٽر بورڊ ڪرنل رٽائرڊ ضياء زيدي، ميجر ريٽارئرڊ عبدالمجيد اعواڻ، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ عبدالواحد شيخ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر امداد مگسي ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.










