سيد خورشيد شاهه خلاف نيب ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور

سکر (امداد علي ڪلوڙ) احتساب ڪورٽ سکر ۾ نيب هٿان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه جي وڪيل مڪيش ڪمار ڪارڙا پيش ٿي 50 لک رپين جا ضمانتي پي آر بانڊ جمع ڪرائي ڇڏيا. نيب سکر طرفان خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ احتساب ڪورٽ سکر جي جج امير علي مهيسر ڌرين کي 24 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. واضح رهي ته سکر احتساب ڪورٽ جي جج 17 ڊسمبر تي ٿيل ٻڌڻي دوران پ پ اڳواڻ کي 90 ڏينهن جو جسماني/جوڊيشل رمانڊ پورو ٿيڻ تي ريفرنس داخل ٿيڻ تائين 50 لک رپين جي پي آر ضمانتي بانڊن عيوض رليز ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو پر احتساب ڪورٽ جو جج موڪل تي وڃڻ ڪري پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه جي ضمانت تي آزاد نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو