سيد جُڙيل شاهه جيلاني جو ميلو شروع، دُڪان سينگاريا ويا

خيرپورناٿن شاھ (وفا معشوق علي کوکر) سخي پير سيد جڙيل شاهه جيلاني جو 223 هون عرس مبارڪ جي موقعي تي ميلو شروع ٿي ويو آهي درگاهه سيد جڙيل شاهه جيلاني رح جي سجاده نشين پروفيسر علي اڪبر شاهه جيلاني سوين مريدن سان گڏجي دهل، شرناين سان ڌمال هڻندي درگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي ميلي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو آهي درگاهه جي افتتاح ڪرڻ جي رسمن ۾ سيد ارشاد علي شاهه، سيد شفقت شاهه، صحافين ممتاز ملاح، نواب منگي ۽ ٻين پڻ درگاهه تي حاضري ڏئي ملڪ جي سلامتي خوشحالي ترقي جي لاءِ خاص دعا گهري. درگاهه سيد جڙيل شاهه جيلاني جي گادي نشين سيد علي اڪبر شاهه جيلاني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميلا محبتن کي گڏ ڪرڻ ۽ تفريحن جا مرڪز هوندا آهن هن چيو ته سنڌ بلوچستان کان پانڌيئڙا پهچي ويا آهن سيد جڙيل شاهه جيلاني سنڌ جو اولياءَ الله هيو جنهن انسانيت سان هم آهنگي پيار ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي. ميلا سنڌ جي ثقافت ۾ وڏي اهميت رکن ٿا جنهن سلسلي کي جاري رکيو پيو وڃي. جڏهن ته ميلي ۾ چڙيا گهر، موت جا کوهه، سرڪس، مٺائي جي دڪانن سان بازارون سينگارجي ويون آهن. جڏهن ته ننڍڙن ٻارڙن جي وندر لاءِ جهولا چوڏيل ڦرڻيون پڻ ميلي ۾ مڪمل ٿي ويون آهن جڏهن ته لڳل اسٽالن تي مختلف مڪتبن جا ڪتاب رکيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو