سيال خلاف نيب کي 2 مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جي مهلت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي وزير سهيل انور سيال جي عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کي ٻن مهينن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدالت ۾ سهيل انور سيال جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته صوبائي وزير خلاف جاچ جي حوالي سان ڄاڻ بابت جاري ڪيل نوٽيس جي کيس ڄاڻ نه آهي. هُن استدعا ڪئي ته نوٽيس جي ڪاپي کيس مهيا ڪئي وڃي ته جيئن تفصيل ٻڌائي سگهي. عدالت جوابدار جي وڪيل کي نوٽيس جي ڪاپي نيب پراسيڪيوٽر کي مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ سهيل انور سيال جي عبوري ضمانت ۾ 5 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي. جڏهن ته نيب کان صوبائي وزير خلاف انڪوائري جا تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي. ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته صوبائي وزير سهيل انور خلاف جاچ هلندڙ آهي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت گهربل آهي. عدالت جي پڇڻ تي پراسيڪيوٽر چيو ته وڌيڪ 4 هفتا گهرجن ٿا. عدالت نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي ٻن مهينن جي مهلت ڏيون ٿا، جوابدار خلاف جاچ مڪمل ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو