سول سوسائٽي پاران سم نالن واھن شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سول سوسائٽي پاران سم نالن واھن شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نندو (رپورٽ مرتضي ميمڻ  )سول سوسائٽي نندو ۽ آبادگارن پاران ٽنڊو باگو ڊرين سم نالين سميت مختلف واھن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نندو شھر اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي سول سوسائٽي اڳواڻن ، آبادگارن ، ضلع بچايو اڳواڻن سميت آس پاس جي رهواسين شرڪت ڪئي انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سالن کان   سيڊا جي نااهلي جي ڪري سم نالن ۽ واھن شاخن جي کاٽي نه ڪرائڻ سبب سمورن سم نالن جي حالت انتهائي خراب بنجي ويئي آھي جنهن سبب برسات ۾ پاڻي جو ڊرينج نه ٿيڻ سبب آبادگارن جي زرعي زمين ۽ ڳوٺاڻن جا گهر ٻڏيو وڃن هنن وڌيڪ چيو  ته سيڊا کي سم نالن جي صفائي ۽ کوٽائي لاء هر سال  ڪروڙين روپين جي بجيٽ اچڻ باوجود به سم نالن جي کاٽي نه پيئي ڪرائي وڃي جنهن جي ڪري سوين آبادگار ۽ رهواسي هر وقت سخت تڪيلف کي منهن ڏين ٿا هنن چتاء ڏيندي چيو ته بدين ضلع جي سمورن سم نالن جي  کاٽي نه ڪرائي ويئي ته پوري ضلع ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو