نندو (رپورٽ مرتضي ميمڻ )سول سوسائٽي نندو ۽ آبادگارن پاران ٽنڊو باگو ڊرين سم نالين سميت مختلف واھن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نندو شھر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي سول سوسائٽي اڳواڻن ، آبادگارن ، ضلع بچايو اڳواڻن سميت آس پاس جي رهواسين شرڪت ڪئي انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سالن کان سيڊا جي نااهلي جي ڪري سم نالن ۽ واھن شاخن جي کاٽي نه ڪرائڻ سبب سمورن سم نالن جي حالت انتهائي خراب بنجي ويئي آھي جنهن سبب برسات ۾ پاڻي جو ڊرينج نه ٿيڻ سبب آبادگارن جي زرعي زمين ۽ ڳوٺاڻن جا گهر ٻڏيو وڃن هنن وڌيڪ چيو ته سيڊا کي سم نالن جي صفائي ۽ کوٽائي لاء هر سال ڪروڙين روپين جي بجيٽ اچڻ باوجود به سم نالن جي کاٽي نه پيئي ڪرائي وڃي جنهن جي ڪري سوين آبادگار ۽ رهواسي هر وقت سخت تڪيلف کي منهن ڏين ٿا هنن چتاء ڏيندي چيو ته بدين ضلع جي سمورن سم نالن جي کاٽي نه ڪرائي ويئي ته پوري ضلع ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










