سول اسپتال سکر ۾ خاڪروب پاران پوسٽ مارٽم ڪرڻ جو انڪشاف

سکر(ن سنڌيار) سکر سول اسپتال ۾ خاڪروب پاران پوسٽ مارٽم ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وڊيو ۾ واضع نظر اچي رھيو آھي ته خاڪروب دالاور ڊاڪٽر شير محمد چاچڙ جي موجودگيءَ ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري رھيو آھي، وڊيو ۾ نظر اچي رھيو آھي ته پوسٽ مارٽم ڪرڻ وقت بجلي نه ھئڻ سبب موبائيل جي روشني ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي، لاش جو مڪمل پوسٽ مارٽم خاڪروب پاران ڪيو پيو وڃي ، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ اڪثر پوسٽ مارٽم وارو ڪم خاڪروب کان ئي ورتو ويندو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو