اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف داخل درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بينچ 21 جولاءِ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر بينچ جو حصو هوندا.جسٽس مظهر نقوي ۽ جسٽس محمد علي مظهر به بينچ ۾ شامل هوندا.جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد به بينچ جو حصو هوندا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ 18 جولاءِ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن.جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ به بينچ جو حصو هوندا.سپريم ڪورٽ ڪيس ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
