سولنگي ۽ ڀرٽ تڪرار نبيرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلو

نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي)پيار جي پرڻي تان سولنگي ڀرٽ تڪرار جي نبيري لاءِ وڪيل ۽ صحافين جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين جي تڏي تي پهتو. عذر خواهي بعد کين جهيڙو نه وڌائڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جي گزارش ڪئي وئي. هن مهل تائين جهيڙي ۾ ٻنھي ڌرين جا ٽن مھينن ۾ ٻه ٻه ماڻھو مارجي  چڪا آھن ٻنھي ڌرين جي 18 ماڻھن تي قتل جون ايف آرون داخل آھن ضلعي اندر خوف ۽ ھراس ڇانيل آھي اڄ سينئر وڪيل اڳوڻي بار جي صدر عبدالستار لھراڻي جي ڪوشش سان وڪيل برادري ۽ صحافي برادري سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي چيئرمين ايم ظفر تڳر ۔محمد اياز مري جنرل سيڪريٽر بار ڪائونسل ۔فياض حسين بڙدي ۔سينئر صحافي امجد ميمڻ فريد لاشاري صحافي ۽ ڳوٺ سڌار سنگت نورپور جي چيئرمين معشوق علي وڳڻ جي اڳواڻي ۾ منٿ ميڙ ۽ امن قافلو پھريان سولنگي برادري جي تڏي تي پھتو  تازو قتل ٿي ويل ٻن سولنگين  عبدالرزاق ۽ امتياز سولنگي جي دعا گھري ان موقعي امن قافلي سان ڳالھائيندي دوست علي سولنگي وائيس چيئرمين ۽ شھمير سولنگي چيو ته توھان وڪيل صاحبان ۽ صحافي برادري کي مان ڏيون ٿا. اسان تڏو کڻون قانوني گھرجون پوريون ڪيون پوء جتي فيصلو ٿيو اسان ڪرڻ لاء تيار آھيون. ان کان پوءِ امن قافلو ڀرٽ برادري جي تڏي تي پھتو جتي وڏيري فياض خان ڀرٽ امن قافلي کي مان ڏيندي چيو ته مان وڪيل برادري ۽ صحافي برادري سان واعدو ٿو ڪريان ته ٻئي ڌريو منھنجا ٻچا آھن منھنجا ھاري آھن اسان قومي جھيڙو نٿا چاھيون انھن کي ٺاھڻ چاھيون ٿا ٻنھي ڌرين ۾ ڪجهه اھڙا ماڻھو آھن جيڪي امن نٿا چاھين اسان وڪيل برادري ۽ صحافي برادريء سان واعدو ٿا ڪريون ته اسان جي طرفان اڳرائي نه ٿيندي جتي به فيصلو ٿيو اسان اتي ھلڻ لاء تيا آھيون وڪيل برادري ۽ صحافي برادي ٻنھي ڌرين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته سولنگي برادري ۽ ڀرٽ برادري جي مھرباني جن اسان کي موٽ ڏني پر ترت نبيرو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو