سولر انڊسٽري جي قيام سان سولر سسٽم تمام سستو ٿي ويندو

گوجرانوالا)ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته ملڪ ۾ سولر انڊسٽري جي قيام سان سولر سسٽم تمام سستو ٿي ويندو.گوجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته سولر سسٽم جون قيمتون گهٽجي ويون آهن، پاڪستان ۾ ڪيترائي صنعتڪار سولر ۽ بيٽريز انڊسٽري لڳائڻ چاهين ٿا.خرم دستگير جو چوڻ آهي ته شهباز شريف بجلي جي پيداوار ۾ 5 هزار ميگا واٽ جو اضافو ڪيو، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ٻوڏ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو.هن چيو ته بجلي جي وڌيڪ پيداوار لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ائٽمي پلانٽ مان سستي بجلي حاصل ڪئي ويندي.سندس چوڻ آهي ته لائين لاسز ۽ بلن کي گهٽائڻ لاءِ چيني ڪمپني 3.5 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي.ن ليگ اڳواڻ اهو به چيو ته سامونڊي طوفان سبب ڪجهه مشڪلاتون پيش آيون، سي پيڪ تي 4 سالن کان ڪم ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو