سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ سان برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصل زوئي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ برطانيا لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير ۽ پوليٽيڪل قونصلر وچ ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته مس زو ويئر پاڪستان ۽ برطانيا ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو ته غلط انفارميشن، انفارميشن ۽ جعلي خبرون دنيا جا مسئلا آهن، انهن ٽنهي شين تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهي، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جو عمل اختيار ڪرڻ گهرجي، سڄي دنيا کي سوشل ميڊيا بابت ضابطا اخلاق تيار ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو