اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن صدر جي ڏنل تاريخ تبديل ڪري سگهي ٿي؟ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل به شامل آهن.تحريڪ انصاف جو وڪيل بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي 3 ڀيرا توهين ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن شيڊول ڪڏهن جاري ڪيو ويو؟ تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته چونڊن جو شيڊول 8 مارچ تي جاري ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار نه هو، خيبرپختونخواهه جي گورنر اليڪشن جي تاريخ نه ڏني. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪميشن سان صلاح مشوري کانپوءِ 30 اپريل جي تاريخ ڏني وئي.بئريسٽر علي ظفر چيو ته سپريم ڪورٽ 90 ڏينهن اندر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو جيڪو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد، تبديل يا معطل ڪيو وڃي. هن چيو ته گهرو ۽ بچاءَ واري وزارت سڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، آئين انتظاميا جي عدم تعاون سبب چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته آڪٽوبر ۾ صورتحال ٺيڪ ٿي ويندي؟
سپريم ڪورٽ مان ڇا ٿا چاهيو؟ جسٽس جمال پي ٽي آءِ جي وڪيل کان سوال ڪيو
جسٽس جمال مندوخيل پي ٽي آءِ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان سپريم ڪورٽ کان ڇا ٿا چاهيو؟ جنهن تي بئريسٽر علي ظفر جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي آئين ۽ ان جي حڪم تي عمل ٿيڻ گهرجي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ هاءِ ڪورٽ جو ڪم آهي. وڪيل علي ظفر چيو ته جيڪڏهن فنڊن جي کوٽ جو سبب مڃيو وڃي ته چونڊون ڪڏهن به نه ٿينديون، معاملو رڳو عدالت جي حڪم تي عملدرآمد جو ناهي، ٻن صوبن جي چونڊن جو معاملو هڪ هاءِ ڪورٽ ٻڌي نٿو سگهي. سپريم ڪورٽ فيصلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو اختيار استعمال ڪندي، سپريم ڪورٽ جو اختيار اڃا به موجود آهي. جسٽس منيب اختررمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي حڪم جي راهه ۾ رنڊڪ آهي. سپريم ڪورٽ بهتر فيصلو ڪري سگهي ٿي ته حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي يا نه. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اهو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام جي بنيادي حقن جو معاملو آهي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ چاهيو ٿا؟
بئريسٽر علي ظفر چيو ته پهرين مارچ جي آرڊر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنل آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ڇا پهرين مارچ جو حڪم عدالتي حڪم آهي؟
ڏسڻو اهو آهي ته صدر طرفان ڏنل تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي يا نه: چيف جسٽس
چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجا معزز ساٿي دستخط ٿيل عدالتي فيصلي جو حوالو ڏيڻ چاهين ٿا، سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن ملڪ جي صدر طرفان ڏنل تاريخ تبديل ڪري سگهي ٿي؟ هي پهريون ڀيرو آهي ته اليڪشن ڪميشن صدر طرفان ڏنل تاريخ تبديل ڪئي آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته صدر طرفان ڏنل تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي يا نه. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن 22 مارچ تي ٿيندڙ چونڊن جي تاريخ کي رد ڪري ڇڏيو، ملڪ جي صدر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي چونڊن جي تاريخ ڏني، اليڪشن ڪميشن اها تاريخ به رد ڪري 8 آڪٽوبر جي نئين تاريخ جو اعلان ڪيو، ڇا ان جو ڪو جواز آهي؟ جيڪڏهن اهو فيصلو قبول ڪيو ويو ته پوءِ هر حڪومت ان بنياد تي چونڊون نه ڪرائيندي. پي ٽي آءِ جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت وفاقي حڪومت، پنجاب ۽ ڪي پي جي چيف سيڪريٽريز ذريعي گورنرن کي نوٽيس جاري ڪندي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي 11.30 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
