سنگسار ڪيل ڇوڪري جي والدين سميت 4 ڄڻا گرفتار

واهي پانڌي (ن س) واهي پانڌي ۾ 10 سالن جي ڇوڪري کي مبينه طور سنگسار ڪرڻ جي الزام ۾ سندس والدين سميت 4 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جوهي تعلقي ۾ واقع رند برادري جي ڳوٺ ۾ پيش آيل ڀيانڪ واقعي بابت ايس ايس پي داد ڊاڪٽر فرخ رضا موجب ته پوليس جنازو نماز پڙهائيندڙ مولوي کي حراست ۾ ورتو جنهن جي نشاندهي تي متاثره ڇوڪري جي والدين ۽ هڪ ٻئي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇوڪري تي پنهنجي مائٽ سان ناجائز لاڳاپن جي الزام ۾ کيس پٿر هڻي قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو