سنڌ ۾ 6 نومبر تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت چپ تعزيه جي موقعي تي 6 نومبر يعني 8 ربيع الاول تي سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، ڄامشورو  ۾ اها پابندي برقرار هوندي.عورتن، صحافين، بزرگ شهرين، وردي ۾ سيڪورٽي اهلڪارن ۽ ضروري خدمتون ڏيندڙ ادارن جي ملازمن تي هي پابندي لاڳو نه هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو