سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي، درگاهون کلي ويون

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت جي منظوري بعد ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي بعد درگاهون کلي ويون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز سميت ننڍيون وڏيون  درگاهون زائرين لاءِ کوليون ويون آهن. سماجي وٿي، زائرين ۽ عملي لاءِ ماسڪ جي استعمال کي لازمي قرار ڏنو ويو آھي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ٽئين لھر دوران ڪورونا وائرس سبب سڀ کان گھٽ فوتگيون ٿيون، 24 ڪلاڪن دوران ٽئين لھر دوران ھڪ ڏينھن ۾ وائرس سبب 20 ماڻھو فوت ٿيا، مثبت ڪيسز جي شرح 2.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آھي،  گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 44496 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 914 ماڻھن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو