سنڌ ۾ ڀرتين تي پابندي ختم، نئين سر اشتهار ڏئي ڀرتي ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي سرڪاري نوڪرين تي ڀرتي واري پابندي ختم ڪندي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي پابندي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، عدالت سياسي بنياد تي پارٽي اڳواڻن کي ڪوٽا ڏئي ڀرتي ڪرڻ کان منع ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين سرڪاري نوڪريون اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪرڻ سان مشروط ڪندي ڀرتي جي اجازت ڏئي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏنا ته نئين سر اشتهار جاري ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن ته عدالت کي ڪو اعتراض ناهي. حڪومتي وڪيل چيو ته عدالت سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ حڪومت کي ايس او پيز موجب ڀرتي جي اجازت ڏي. عدالت چيو ته نئين حڪومت ٺهي وئي آهي، نوڪريون شفاف طريقي سان ڏنيون وڃن ته ڪو اعتراض ناهي. ياد رهي ته عدالت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي آگسٽ 2023 ۾ سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي پابندي جو حڪم جاري ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو