سنڌ ۾ پيش آيل حادثن، جهيڙن، واقعن ۾ 10 فوت، 11زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پيش آيل روڊ حادثن، خودڪشي جي واقعن، جهيڙن ۽ پراسرار فوتگين ۾ 10 ڄڻن جي فوتگي، 11 زخمين ۽ هڪ اغوا جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. مٽياري مان نمائندي موجب هالا ڀرسان ويگن ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر سبب پيش آيل خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. مسافر ويگن حيدرآباد کان موري وڃي رهي هئي ته هالا ڀرسان باءِ پاس وٽ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي هالا اسپتال ۾ لاش ۽ زخمين کي منتقل ڪيو. ٺٽو مان نمائندي موجب ڪينجهر ڀرسان ڳوٺ احمد خان تارو ۾ 17 ورهين جي نينگر حفيظ ولد احمد خان تارو معمولي ڳالهه تان گهر وارن سان ناراض ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو. نوجوان پاڻ تي پستول جو فائر ڪيو هو. اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ٺٽو اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ميان صاحب مان نمائندي موجب بيگاري واهه  ۾ نوجوان ارجن هڪ ڏينهن اڳ ٻُڏي ويو هو، ٻن ڏينهن تائين لڳاتار ڪوششن کانپوءِ سندس لاش خميس تي هٿ ڪيو ويو. ٻئي پاسي جيڪب آباد ڀرسان 11 ورهين جو نينگر سهيل مگسي جمالي واهه ۾ وهنجندي ٻُڏي فوت ٿي ويو هو. وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر گرميءَ جي ڪري واهه ۾ وهنجي رهيو هو ته ٻُڏي فوت ٿي ويو. نينگر صحافي حيدر مگسي جو ڀائٽيو آهي. گهوٽڪي ضلعي جي شهرعادلپور مان مددعلي شاھ موجب هڪ پيرسن  شخص جو لاش ھٿ آيو آهي،  وارث نہ ھجڻ سبب لاش تعلقه اسپتال گھوٽڪي ۾ پيل آهي. هي شخص پراسرار نموني فوت ٿيو آهي. شڪارپور جي شهر چڪ جي ناپر ڳوٺ واسي مسمات افشان زال لال بخش مڱڻهار نجي اسپتال مان دوا وٺڻ وئي ته مبينا طور هٿياربندن کيس موٽر سائيڪل تي اغوا ڪيو، عورت جي وارثن چڪ ٿاڻي تي اهو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته برڪت علي سوڌو موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن عورت کي اغوا ڪيو آهي. محرابپور مان محمد اسلم نانگور موجب گذريل ڏينهن ڦاهو کائي خودڪشي ڪندڙ ياسمين زال اقبال ڀٽي جي وارثن طرفان ناري جي مڙس پوليس اهلڪار اقبال ڀٽي تي قتل جو الزام، ايس ايڇ او رحم حسين واسواڻو ٻڌايو ته جوابدار پوليس اهلڪار اقبال ڀٽي گرفتار آھي پوسٽ مارٽم رپوٽ اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو قانون سڀني لاء برابرآھي.

ميرپورماٿيلو مان ظهير ويسر موجب يارولنڊ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ عبدالرحمان شر ۾ زرعي زمين جي  مالڪي تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ھڪ ڌر جون 3عورتون مسمات حسنا زال بخت علي شر، سھاڳڻ زال درمحمد، خانزادي زال پنھل شر، بخش علي شر ۽ پنھل شز زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال ميرپورماٿيلو آندو ويو آھي جتي ھنن جو علاج ڪيو پيو وڃي اسپتال ۾ پھتل زخمي ۽ ان جي وارثن جو چوڻ آھي تہ زمين جي مالڪي تان موچاروشر، گلاب ۽ خان محد شر وارا اسان جي گھرن تي حملو ڪري اسان کي ۽ اسان جي عورتن کي لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا جڏھن تہ ٻئي ڌر جي موچارو شر، خان محمد شر وارن جو چوڻ آھي خان محمد شر زمين تي ٻيٺل ھو جنھن مٿان عورتن حملو ڪري سخت مارڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو اطلاع تي خان محمد شر جي ڀائرن موچارو شر وارن ساٿين سان گڏجي حملو ڪري لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو ھو ۽ ڪابہ گرفتاري عمل ۾ نہ اچي سگھي ھئي. مٺي مان لياقت نهڙيو موجب اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ رانجهو نون ۾ 16 ورهين جي سسئي ڌي موهن ميگهواڙ شادي جي معاملي تان ناراض ٿي کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو