سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر آدمشماري ڪئي وڃي : ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر آدمشماري ڪئي وڃي ۽ آدمشماري بابت اسان جا خدشا ختم ڪيا وڃن خاص ڳالهه ٻوله ڪندي ناصر شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي به آدمشماري تي خدشا آهن اسان جو موقف آهي ته آدمشماري ۾ سنڌ ۾ گهٽ ڳڻپ ڪئي وڳئي آهي هن چيو ته نئين آدمشماري تي پهرين ڏينهن کان اعتراض آهن سنڌ جي وڏي وزير خدشن تي ٻڌل خط به احسن اقبال کي لکيا آهن آدمشماري تي سنڌ جي وڏي وزير اڳ به خدشا ظاهر ڪيا وڏو وزير مرادعلي شاهه اجلاس ۾ کلي پنهنجو موقف رکندو هن چيو ته نئين آدمشماري تحت اليڪشن ڪرائڻ جي بيان تي به خدشا ظاهر ڪيا ويا وزيراعطم جڏهن بيان ڏنو ته پي پي سان صلاح مشورا نه ڪيا ويا هئا وزيراعظم ذاتي حيحيت ۾ بيان ڏنو اتحادين سان صلاح مشورا ڪرڻا پوندا ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته اتحادي پارٽين جو اجلاس سڏايو ويو آهي جتي مشاورت ڪئي ويندي پيپلزپارٽي جي خواهش آهي ته اليڪشن وقت تي ٿئي وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي نئين آدمشماري تي اڳ ئي اعتراض آهن قانوني مونجهارا به آهن نئين تڪبندين لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت پوندو جڏهن ته هي ممڪن نه آهي صلاح مشوري کان پوءِ ٿي سگهجي ٿو ته ڪوئي رستو ڪڍي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو