سنڌ ۾ هن سال ڊينگي جا 220 ڪيس رپورٽ

سنڌ ۾ هن سال ڊينگي جا 220 ڪيس رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هن سال تائين سنڌ ۾ ڊينگي جا 220 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي موجب، پهرين جنوري کان 23 اپريل تائين ڪراچي ۾ ڊينگي جا 183 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ۽ هن سال ڪراچي ۾ ڊينگي سبب هڪ مريض فوت ٿيو آهي.ڪراچي جي اوڀر ضلعي مان ڊينگي جا 66 ڪيس، ڏکڻ ضلعي مان 39، سينٽرل ضلعي مان 38، ملير ضلعي مان 19، ڪيماڙي ضلعي مان 10، اولهه ضلعي مان 7 ۽ ڪورنگي ضلعي مان 4 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ڊويزن مان ڊينگي جا 25 ڪيس ۽ ميرپور خاص ڊويزن مان 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ان کان علاوه، هن سال سکر ڊويزن مان ڊينگي جا 3 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو