سنڌ پام آئل پروڊڪشن پروجيڪٽ ڪامياب ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت پام آئل پيدا ڪرڻ جو پائلٽ پروجيڪٽ ڪامياب ٿي ويو آهي. ڪاٺوڙ ۾ 50 ايڪڙن تي لڳل پام جي وڻڻ مان ملندڙ فروٽ مان گذريل سومر کان پام آئل جي ڪامياب پيداوار ٿي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته 1600 ايڪڙن تي پام ٽريز لڳايا ويندا. هن چيو ته اسين وفاقي حڪومت وانگر رڳو اهوال نه ڪندا آهيون ڪم ڪري رهيا آهيون. هر سال 3 کان 4 ارب ڊالر پام آئل ٻاهران گهرائڻ تي خرچ ڪريون ٿا. اها رقم مقامي پيداوار وڌائي گهٽ ڪري سسگهجي ٿي. هن چيو ته صوبائي حڪومت مالي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، وفاق طرفان ڪابه مدد نٿي ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ حڪومت کي سمجهڻو پوندو ته واعدن بدران عملي طور ڪم ڪرڻو پوندو، ٻن سالن ۾ تبديلي اها آئي آهي جو دوائن سوڌو عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن.مرتضيٰ وهاب چيو ته ٺٽي ۾ ناريل جا وڻ پوکڻ جو منصوبو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، منصوبو ٺٽي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ٿر ڪول منصوبو به تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو