سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ناسور جي شڪل اختيار ڪري چڪا:محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اگوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي گهوٽڪي ۾ ساوند ۽ سندراڻي قبيلي وچ ۾ ويڙهاند جي نتيجي ۾ 14 سالن جي بشرى ساوند سميت ٽن ماڻهن جي قتل جي سخت مذمت ڪندي زور ڀريو آهي ته ان واقعي جو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا ۽ حڪومت سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ موثر قانونسازي ڪري وڌيڪ انساني جانين جي زيان ٿيڻ کي روڪي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور سميت سڄي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ناسور جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن اهڙن قبيلائي جيهڙن جي ڪري اڄ تائين سوين انسان قتل جڏهن ته ڪيترائي ويڙها ويران ٿي چڪا آهن، گذريل ڏينهن آءِ بي اي جي اعلى تعليم يافته نوجوان پروفيسر اجمل ساوند به اهڙي تڪرار جي وَرچڙهي پنهنجي جان وڃائي ويٺو، پر افسوس جو سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بلڪه اهڙن ظالم ڀوتارن ۽ سردارن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي جيڪي قبيلائي تڪرارن کي هٿي ڏين ٿا، اجمل ساوند جي قتل کي ڪيترائي مهينا گذري وڃڻ باوجود اڄ تائين سندس قاتلن کي پڪڙ ۾ ناهي آندو ويو، قبيلائي جهيڙن جي ڪري اپر سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بدتر، تعليم ۽ ڪاروبار تباه ۽ معمول جي زندگي شديد متاثر آهي. سنڌ ۾ نه ختم ٿيندڙ قبيلائي جهيڙن جي ناسور جي ڪري ائين لڳي ٿو ته حڪومت سان گڏو گڏ هڪٻئي جا مخالف سردار به اهڙن تڪرارن جي خاتمي ۾ سنجيده ناهن ڇو ته جهيڙن جي ڪري سندن برادريون ۽ قبيلا سدائين هنن جي غلامي ۾ رهڻ تي مجبور آهن، ڇو ته جيڪڏهن قبيلائي جهيڙا ختم ۽ امن ٿيو ته سردارن ۽ ڀوتارن جي ويلوو گهٽجي ويندي ۽ سندن اوطاقون ويران ٿي وينديون. پنهنجي برادرين کي کير کنڊ، سندن مسئلن کي حل ۽ قبيلائي تڪرارن جي نبيري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ وڏيرا ۽ سردار قابل فخر به آهن، انڪري حڪومت قبيلائي تڪرارن ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪچي سان گڏو گڏ پڪي جي ڌاڙيلن کي به پڪڙ ۾ آڻي ته امن امان بحال ٿي سگهي ٿو.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو