سنڌ ۾ طوطن جي نسل ڪشي، مُک ڪارڻ ڪهڙا؟

سڪرنڊ( رپورٽ راج ڪماراوڏ)سنڌ ۾ ڏھاڪو سال اڳ طوطا عام جام هوندا هئا پر گذريل ڪجهه سالن کان طوطن جي نسل ڪشي ٿي رهي آھي هو آهستي آهستي غائب ٿيندا ٿا وڃن. طوطن جي غير قانوني شڪار، طوطن کي ڦاسا؟ي وڪرو ڪرڻ، سان گڏوگڏ ان جا ٻيا به سبب آهن. گذريل ڏھاڪي ۾ سون جي تعداد ۾ ولر ڪري اڏامندڙ طوطن جي چھچٽي سبب ٻنيون ٻارا ۽ باغ باغيچا سندن سونهن سبب ٻھڪندا هئا، انبن زيتونن صوفي ٻيرن جي موسم ۾ ته باغائي جهار هڪلي هڪلي ٿڪي پوندا هئا. هاڻي ته طوطن جي ٻولين لاءِ به ماڻهو سڪي ويا آهن. مقامي ماڻهن جو خيال آهي ته طوطن جي نسل ڪشي تڏھن کان شروع ٿي جڏھن کان پناهگير پٺاڻن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو ء ڪاٺ جو ڪاروبار شروع ڪيو.

Screen shot

1992ع ڌاري ٻيلي کاتي جي آفيسرن پئسن جي لالچ ۾ اچي ڪري ٻيلن جو ڪاٺ ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو جنھن سبب ٻيلا تباھ ٿيڻ لڳا ته طوطن به پنهنجو نسل بچائڻ لاءِ ٻيلن کان پڪي طرف رخ ڪيو پر اتي به سرن جي چمنين يا بٺن وارن پنھنجن علائقن جي ماڻھن کي چند ٽڪن جي لالچ ڏني ته اتي به ڪچو پڪو ڪاٺ وڪرو ٿيڻ لڳو اڪثر زميندارن پنھنجي زمينن ۽ گھرن ۾ بيٺل يا آس پاس بيٺل وڻن کي لالچ عيوض وڪرو ڪري ڇڏيا جڏھن ته طوطا اڪثر پراڻن وڻن ۾ جھڙوڪ لئو ڪنڊي، نم ۽ انب وغيره جي وڻن ۾ وڏا وڏا سوراخ يا ٻر هوندا آھن انهن ۾ ٻچا ڏيندا هئا. ٻيلي کاتي جي لاپرواهي سبب هاڻ وڻ ته رهيا ئي ناهن ته طوطا ڪٿي رهن. ٻيو ته گهڻي ڀاڱي زمين آبادي هيٺ اچڻ ۽ فصلن ۾ جيت مار دوائن جي استعمال سبب طوطا مرڻ لڳا. يعني نيچر سان انساني هٿ چراند سبب سنڌ ۾ طوطن جو تعداد گهٽ ٿيڻ لڳو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو