سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر، پارو 50 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر، پارو 50 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سڀاڻي تائين وچولي کان سخت هيٽ ويب جي صورتحال برقرار رهي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ٻين مٿين (اتر) سنڌ جي ضلعن ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو، ڪجهه علائقن ۾ پارو معمول کان 4 کان 6 ڊگريون وڌيڪ رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڄامشورو ۾ پڻ سخت گرمي جي لهر برقرار رهندي، جتي گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۽ مغربي هوائن جي اثرن جي ڪري پهرين جون تي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ آنڌي ۽ گجگوڙ سان برسات متوقع آهي، جڏهن ته ٻين ڪجهه علائقن ۾ پڻ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم گرم ۽ اُمند (گهميل) رهڻ جو امڪان آهي، شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو