سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ کي سيٽون تحفي ۾ مليون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان جو چوڻ آهي ته 30 ڪلاڪن کانپوءِ معلوم ٿيو ته جنهن سيٽ تي مان کٽي رهيو آهيان اها پ پ اميدوار کٽي آهي.پنهنجي وڊيو بيان ۾ خرم شير زمان چيو ته مان هي سيٽ 70 هزار کان 72 هزار ووٽن جي ليڊ سان کٽي رهيو آهيان.هن چيو ته پي ٽي آءِ 2018ع ۾ ڪراچي مان 14 سيٽون کٽيون هيون، اڄ ڪراچي جون سموريون سيٽون تحريڪ انصاف کان کسي ورتيون آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي کي تحفي ۾ سيٽون ڏنيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو