حڪومتن جي ڪارڪردگي بدترين آهي: محمد حسين محنتي

سکر (پ ر)  31 مارچ 2019ع   جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته جماعت اسلامي اقامت دين جي تحريڪ ۽ معاشري ۾ موجود ظلم ۽ ناانصافين جي خاتمي توڙي عدل جو نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ مرڪز سکر ۽ روهڙي ۾ دعوتي، تنظيمي اجتماعات کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته امت جي فلاح، ڪاميابي ۽ سڀني مسئلن جو حل قرآن ۽ سنت جي بابرڪت نظام جي نفاذ ۾ آهي، جماعت اسلامي جي دعوت الي الله رابطه عوام مُهم به ان سلسلي جي ڪڙي آهي ته جيئن ماڻهو سجاڳ ۽ دين سان جڙي سگهن ته جيئن آخرت ۾ ڪاميابي ۽ دنيا امن سڪون جو ماڳ بڻجي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي پنهنجي ۽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ توڙي نوجوان نسل جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ شريعت جو نظام ۽ ديانتدار قيادت کي اڳتي آڻڻو پوندو. ان موقعي تي ضلعي امير علامه حزب الله جکرو، مولانا سلطان لاشاري، مقامي امير زبير حفيظ، صوبائي اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. محمد حسين محنتي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو معدني ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود هن وقت کنڊرات جي منظر ڪشي ڪري رهيو آهي، عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر جڏهن ته حڪومتي وزير ، مشير امير کان امير ٿيندا پيا وڃن، صحت، تعليم، روزگار ۽ مڪاني ادارن جي حالت خراب ۽ عوام مهانگائي کان بي حال آهي. بلاول زرداري هڪ ٽرين مارچ سنڌ ۾ بيروزگاري، بُک، بدامني، مهانگائي ۽ پنهنجي حڪومت جي 11 سالن جي بدترين ڪارڪردگي خلاف ڪري ته بهتر ٿيندو.وفاقي حڪومت جي خزاني واري وزير اسد عمر کان پوءِ  ارب پتي مشير رزاق دائود عوام کي مهانگائي برداشت ڪرڻ جون صلاحون ڏئي تبديلي سرڪار جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو