ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڄ کان 27 آگسٽ تائين گيس جي لوڊ شيڊنگ شروع ٿي ويندي. جنهن جو اهم سبب او جي ڊي سي ايل پاران ڪنڙ -پاسخي ڊيپ گيس فيلڊ جي سالياني مرمت ٻڌايو ويو آهي. مرمت دوران سنڌ ۽ بلوچستان کي 12 آگسٽ کان 27 آگسٽ تائين گئس جي فراهمي متاثر رهندي. جنهن جي نتيجي ۾ سئي سدرن گيس ڪمپني کي 107ايم ايم سي ايف ڊي گهٽ گيس ملندي. گيس جي ذخيرن جي مسلسل گھٽتائي جي ڪري گئس جي طلب ۽ سپلاءِ جو فرق اڳ ۾ ئي وڌي رهيو آهي، ان ڪري هن سالياني مرمت سبب گيس جي کوٽ جو اثر اڃا وڌي ويندو. ايس ايس جي سي، جو چوڻ آهي ته اسين صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين پر گيس لائين جي پڇاڙي وارن علائقن ۾ کوٽ وڌي سگهي ٿي.
