سنڌ ڪابينه شاگرد يونين بحالي جو بل منظور ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينه صوبي ۾ شاگرد يونين بحال ڪرائڻ لاءِ بل منظور ڪري ورتو. وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان مطابق صوبائي دارالحڪومت ڪراچي ۾ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرڪت ڪئي. ترجمان مطابق ڪابينه اجلاس دوران صوبي ۾ شاگرد يونين کي بحال ڪرڻ لاءِ سنڌ اسٽوڊنٽ يونين بل 2019 جي منظوري ڏني. ان بل جي متن مطابق شاگرد يونين به تعيليمي ادارن، تعليمي تربيتي ادارا چاهي اهي سرڪاري هجن يا نجي ان ۾ بڻائي سگهي ٿو. هن بل جي متن مطابق شاگرد يونين کي تعليمي سرگرمين کان روڪڻ منع هوندو ۽ شاگرد يا شاگردياڻين جي گروپ ۾ نفرت ڦهلائڻ خلاف قانون هوندو. ان کان علاوهه شاگرد يونين طرفان اسلحو رکڻ ۽ ان جو استعمال ڪرڻ يا تعليمي ادارن ۾ ان کي کڻي اچڻ خلاف قانون هوندو. مذڪوره بل جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته شاگرد يونين جو ڪم تعليمي ماحول کي بهتر ڪرڻ، نظم و ضبط پيدا ڪرڻ، غير نصابي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندي. بل مطابق شاگرد يونين 7 کان 11 ميمبرن تي مشتمل هوندي ۽ اها شاگرد ئي منتخب ڪندي جڏهن ته شاگرد يونين جو ڪم سماجي ۽ تعليمي سرگرمين کي بهتر بڻائڻ هوندو. ترجمان مطابق اهو بل صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ ان کي قائمه ڪميٽي براءِ قانون موڪليو ويندو ۽ ٻيهر اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪري تمام اسٽيٽ هولڊرز جي مشاورت سان پاس ڪيو ويندو. ان کان اڳ 2 ڊسمبر تي وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه صوبائي اسيمبلي طرفان شاگرد يونين تي عائد پابندي ختم ڪرڻ لاءِ قرارداد جي منظوري بعد اهم فيصلو ڪندي شاگرد يونين بحال ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ مشير قانون، ماحوليات، و ساحلي ترقي مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو هو ته سنڌ اسيمبلي شاگرد يونين جي بحالي جي حوالي سان قرارداد منظور ڪري چڪي آهي ۽ چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري به ان حوالي سان اعلان ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ 29 نومبر تي شاگرد يونين جي بحالي سميت مطالبن جي چارٽر پيش ڪرڻ لاءِ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ۾ سڄي ملڪ ۾ مارچ ٿيو هو جنهن ۾ شاگردن سان گڏ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. مارچ جي شرڪت ڪندڙن جي حمايت لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته پيپلزپارٽي هميشهه شاگرد يونين جي حمايت ڪئي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو طرفان شاگرد يونين جي بحالي لاءِ  کنيل قدمن کي  ڄاڻي واڻي معاشري کي ناڪاره بنائڻ لاءِ ڪالعدم ڪيا ويا هئا. ان کان علاوهه ملڪ ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ مطالبن ۾ تيزي اچڻ تي وزيراعظم عمران خان به پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو اشارو ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو