سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون

سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي( ن سنڌ يار) سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪري 16 ايس ايس پيز تبديل ڪيا ويا.آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي حيدرآباد  عديل چانڊيو کي بدلي ڪري ايس ايس پي سيڪيورٽي اسپيشل برانچ مقرر ڪيو ويو سي پي او جي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل عبدالسلام شيخ کي ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. ايس ايس پي سٽي جي اضافي چارج شهلا قريشي کان واپس وٺي کيس اي ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ڪراچي مقرر ڪيو ويو. سرفراز نواز شيخ کي اي وي ايل سي مان هٽائي ايس ايس پي سٽي مقرر ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم رائو جي جاءِ تي غلام مرتضيٰ تبسم کي مقرر ڪيو ويو، عارف اسلم کي ايس ايس پي اي وي ايل سي مقرر ڪيو ويو. ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي اعجاز احمد شيخ کي مقرر ڪيو ويو، فرخ رضا کي اي آءِ جي ليگل مقرر ڪيو ويو. وقتي طور سائوٿ ۾ مقرر ڪيل ايس ايس پي زبير نذير شيخ کي سائوٿ ۾ ڪنفرم ڪيو ويو.ايس پي ڪياماڙي سمير نور چنا کي ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ مقرر ڪيو ويو.عمران قريشي کي ايس ايس پي جاچ ملير مقرر ڪيو ويو. شماعل رياض کي اي آءِ جي ويلفيئر مقرر ڪيو ويو، فداحسين جانوري کي اولهه ڪراچي مان بدلي ڪري نئين ضلعي ڪياماڙي ۾ ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو، اولهه ڪراچي ۾ سهائي عزيز ٽالپر کي ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو. ايس ايس پي شاهجهان کي عمرڪوٽ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان سيد عامر عباس کي رپورٽ ڪرايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو