سنڌ پوليس ۾ اڪثريت سياسي ڀرتيون قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته پوليس ۾ تمام گهڻيون سياسي ڀرتيون ٿيون آهن، سيڪيورٽي ڪليئرنس به نه ورتي وئي.نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان ڪراچي ۾ گهڻي حد تائين منشيات ۽ ٻين ڏوهن کي ڪنٽرول ڪيو آهي. هن چيو ته نظام تمام گهڻو خراب ٿي چڪو آهي، ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، سياسي دٻاءَ ۾ نه اينداسين، اسان پوليس ۾ تبديليون ڪيون آهن، ميرٽ تي پوسٽنگون ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو