سنڌ يونيورسٽي فيون وڌائي شاگردن جو دڳ بند ڪيو

حيدر آباد (بيورو رپورٽ)سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، حميد انقلابي، نوروز ڪلمتي ۽ دلدار نوحاڻي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شاگردن جي فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا فقط ستن مهينن اندر فيسن ۾ 45 سيڪڙو اضافو ڪري شاگردن کان تعليم جو بينادي حق به کسي ڇڏيو آهي. اڪيڊمڪ سال 2023ع ۾ يونيورسٽي انتظاميا ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي فيسن ۾ 59 ۽ 42 سيڪڙو جو واڌارو ڪري اعلي تعليم جا دروازا غريب ۽ بي پهچ شاگردن لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا مارڪس سرٽيفڪيٽ کان ويندي پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ٻين دستاويزن جي قيمتن ۾ به 45 سيڪڙو تائين واڌ ڪري شاگردن جي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب گذريل ٻن سالن دوران انھن دستاويزن جي رقمن ۾ اهو اضافو 400 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿئي ٿو. اڳواڻن چيو ته هڪ پاسي وفاقي حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي يونيورسٽين کي ضرورت موجب گرانٽ مهيا نه پئي ڪري ٻئي طرف يونيورسٽي انتظاميا ڪرپشن وسيلي يونيورسٽي جي اڀري سڀري بجيٽ به هڙپ ڪري ڇڏي آهي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي جي فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جو نوٽيس وٺي فيسن ۾ واڌ کي فورن بند ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو