سنڌ واسين لاءِ بُري خبر، ڪورونا جهڙو نئون وائرس ڦهلجڻ لڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سڄي سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ سياري جي موسم گذري وڃڻ جي باوجود وائرل انفيڪشن هلي رهيو آهي جنهن کانپوءِ بخار، الٽي، پيٽ ۾ سور، ساهه ٻوساٽجڻ جهڙا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. ڪيترن ئي مريضن جي حالت ته اهڙي ٿي وڃي ٿو جو کين آءِ سي يو ۾ داخل ڪرڻو پئجي وڃي ٿو جنهن حوالي سان صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو ڪورونا وائرس جو نئون قسم وري اڀري رهيو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي سبب انفلوئنزا-اَي جو H3N2 وائرس بڻجي رهيو آهي. گهڻي قدر نمونن جي جاچ ۾ ان جي تصديق به ٿي آهي اهو وائرس مريض کي ڊگهي عرصي تائين بيمار ڪري ڇڏيندو آهي.شگر جا مريض، ڪينسر متاٿر، گردن جا مريض، وڏي عمر وارا، ٻارڙا، سهڪي جا مريض، خطرناڪ بيمارين جا مريض ۽ سگريٽ واپرائيندڙ ان مرض کان بچڻ لاءِ خاص احتياط ڪن. ايڇ ٿري اين ٽو وائرس سِڌو نَڪ، ڳلي، ڦڦڙن ۽ ساهه واري مسئلن جي ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو