ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم لي مارڪيٽ ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايت تي ڪئي وئي. ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين جي جوڙيل خاص ٽيم محرم الحرام ۾ کائڻ، پيئڻ جي شين خاص ڪري ملاوٽ کان پاڪ کير جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ لي مارڪيٽ ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي ڪرڻ واري ٽيم ڊائريڪٽر آپريشن رفيق ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽرن بشير خان، مريم تالپور ۽ ٻين آفيسرن تي مشتمل هئي. ان موقعي تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم سان گڏ موبائل ٽيسٽنگ ليب پڻ موجود هئي. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم کائڻ، پيئڻ جي شين خاص ڪري کير جي وڪرو ڪرڻ وارن دڪانن جو معائنو ڪيو. معائني جي دوران غير معياري کير جي وڪرو ڪرڻ وارن تي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيا. ان کان علاوه ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ کائڻ پيئڻ جي شين خاص ڪري ملاوٽ کان پاڪ کير جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. سنڌ فوڊ اٿارٽي پوري صوبي ۾ حفظان جي صحت صفائي سٿرائي جي اصولن جي موجب کائڻ پيئڻ جي شين جي تياري ۽ وڪرو کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
