سنڌ رينجرز جي نئين سربراهه چارج سنڀالي ورتي، وڏي وزير سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ رينجرز جي نئين سربراه طور ميجر جنرل عمر احمد بخاري چارج سنڀالي ورتي آهي ۽ هن ڇنڇر تي چارج ڇڏيندڙ ڊائريڪٽر جنرل سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. وڏي وزير رخصت ٿيندڙ ۽ نئين ڊي جي رينجرز سان ملاقات ڪري کين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا.

ملاقات ۾ وڏي وزير رخصت ٿيندڙ ڊي جي رينجرز جي خدمتن کي ساراهيو ۽ نئين ڊي جي رينجرز کي ڀليڪارڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو امن امان بابت سنڌ جي پوليس ۽ صوبائي سيڪورٽي ادارن سان بهتر تعلقات ۽ رابطن ذريعي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. ٻئي پاسي رينجرز ترجمان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي رينجرز سنڌ محمد سعيد ذميواريون نئين ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد کي باضابطا طور سونپي ورتيون آهن ۽ نئين ڊي جي رينجرز ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو