سنڌ حڪومت ۽ اينگرو  وچ ۾ ياداشت نامن تي صحيحون

سنڌ حڪومت ۽ اينگرو وچ ۾ ياداشت نامن تي صحيحون

شڪارپور (ن سنڌيار) شڪارپور سول اسپتال ۾ جديد ترين ڊائلسز سينٽر قائم ڪرڻ جو معاهدو هڪ اهم پيش رفت آهي. امتياز احمد شيخ، سنڌ حڪومت ۽ اينگرو انرجي لميٽيڊ وچ ۾ ڊائلسز سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون. خبر موجب: سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته شڪارپور ۾ جديد ميڊيڪل ٽيڪنالاجي سان ليس ڊائلسز سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن ۽ ان جي قيام سان شڪارپور ضلعي جي ضرورتمند ماڻهن جون مشڪلاتون دور ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ ڊائلسز سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي صحت کاتي، شڪارپور ضلعي انتظاميه ۽ اينگرو انرجي لميٽيڊ جي نمائندن ڊائلسز سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. جنهن تحت شڪارپور جي آر بي يو ٽي اسپتال (RBUT) ۾ ڊائلسز سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪندي. سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو صحت کاتو شڪارپور ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽ (SIUT) کي اينگرو انرجي لميٽيڊ ڊائلسز سينٽر ۽ ڊائلسز سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪندو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي جي خاص دلچسپي ۽ تعاون کي به ساراهيو. هن چيو ته ڊائلسز سينٽر جو قيام ضلعي ۾ طبي سهولتن جي حوالي سان هڪ اهم قدم آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو