سنڌ حڪومت ڪڻڪ خريداري جو حدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام

بدين(رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ)سنڌ جو فوڊ کاتو بدين ضلع ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو مقرر ڪيل حدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ڪڻڪ خريداري جا مرڪز قائم نه ٿيڻ ڪري واپارين فلور ملن جي مالڪن حڪومت جي مقرر ڪيل في مڻ ڪڻڪ جي اگھ  کان گهٽ اگھ ۾ ڪڻڪ زميندارن ۽ھارين کان خريد ڪري ڪڻڪ ذخيرو ڪري ڇڏي سنڌ جي فوڊ کاتي جي ذريعن کاڻ ملندڙ ڄاڻ موجب ته هر سال جيان هن سال سنڌ حڪومت طرفان  فوڊ کاتي کي بدين ضلع مان پنجاھ ڪلو جون ڪڻڪ جون اڍائي لک ٻوريون خريد ڪرڻ جو حدف ڏنو ته ويو هو پر فوڊ کاتي طرفان بدين ضلع ۾ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز قائم ئي نه ڪيا ويا جتي زميندار ۽هاري حڪومت طرفان ڪڻڪ في مڻ 2000 هزار وپيا خريد مقرر ڪيل اگھ تي پنهنجي ڪڻڪ وڪرو ڪري سگهن فوڊ کاتي جي ھڪ اهم عهدي تي ويٺل آفيسر ٻڌايو ته هن سال بدين ضلع ۾ مارچ مهيني ۾ ڪڻڪ جو  فصل لهي ويو هو  سنڌ حڪومت ۾اهم عهدن تي ويٺل سيٺين وزيرن ۽چونڊيل نمائندن ڄاڻي ڪري ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جا سينٽر قائم ڪرڻ جو ۽ ڪڻڪ جي زميندارن ۽هارين کي سرڪاري باداڻو جاري ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن يا ليٽر روڪرائي ڇڏيو ۽ زميندار ۽ هارين مجبورن ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ شروع ڪري ڏني جنهن جو فائدو وٺندي هنن وڏن واپارين سان ملي ڀڳت ڪري زميندارن ۽هارين کان ڪڻڪ سرڪار جي مقرر اگھ کان 500 روپيا في مڻ گهٽ اگھ ۾خريد ڪري پنهنجين فلور ملن جي گدامن ۾ ۽ و اپارين پنهنجن ذاتي گدامن ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪري ڇڏي ۽هڪ مهيني کانپوء ڪڻڪ جي خريداري بند ٿيڻ کانپوء اپريل جي مهيني جي آخري هفتي ۾ سرڪاري خريداري جا سينٽر قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ۽ بارداڻو جاري ڪيو ويو ان کانپوء فوڊ کاتي طرفان ڪڻڪ جي سرڪاي خريد جو حدف پورو ڪرڻ لاء فوڊ کاتي جي آفيسرن واپارين سان ملي ڀڳت ڪري نجي طور گهٽ اگھ ۾ خريد ڪري ذخيرو ڪيل ڪڻڪ سرڪار کي سرڪاري اگھ 2000 روپيا ۾ وڪرو ڪري في مڻ تي 500 روپيا نفعو ڪمائڻ کانپوء به حدف پوري نه ڪري سگهيا فوڊ کاتي جي ذريعي موجب ته سڄي سنڌ ۾ اهڙي صورتحال کانپوء پهريون دفعو حڪومت سنڌ جي سمورن ڊي سيز کي هدايتون ڪيون آھن ته هو فوڊ کاتي سان ملي ڪڻڪ جو سرڪاري مقرر ڪيل حدف پورو ڪيو وڃي ان کانپوء بدين ضلع جي پنجن ئي تعلقن جي مختيار ڪارن ۽ تپيدارن تي مشتمل ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي جن زميندارن ۽ هارين پنهنجي کاڌي لاء ذخيرو ڪيل ڪڻڪ مان سرڪار کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آھن ته جيئن ڪڻڪ جو حدف پورو ڪري سگهجي فوڊ کاتي جي ذريعي ٻڌايو آھي ته اڍائي لک ٻورين جي حدف مان هن وقت تائين 86 هزار ٻوريون خريد ٿي سگهيون آھن جڏهن ته بدين جي ضلعي فوڊ آفيسر منور ميراڻي جي دعوا آھي ته اسان هڪ لک ست ٻوريون خريد ڪري ويا آھيون هن کان ڪڻڪ جي  سرڪاري خريداري  هڪ مهينو دير سان شروع ڪرڻ جو سبب پڇڻ تي چيو ته اسان کي جڏهن حڪم ملندو ته خريداري شروع ڪنداسين فوڊ کاتي جي ذريعي ٻڌايو ته حڪومتي با اثر سيٺين سرڪاري گدامن کان به وڏن پنهنجن نجي گدامن ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪي ڇڏي آھي بدين جي هڪ اٽي جي چڪي جي مالڪ ٻڌايو ته اسان زميندارن ۽ هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي اجازت گهري ته اسان کان هڪ کا ٽي لک روپيا ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي اجازت جي رشوت گهري ويئي پر حڪومتي با اثر سيٺين کي ڪڻڪ مارڪيٽ مان گهٽ اگھ تي خريد ڪرڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ اهو ئي سبب آھي جو سرڪار ڪڻڪ خريد جو حدف پورو نه ڪري سگهي آھي ۽ هاڻ اٽي جي قلت ٿيندي تڏهن اهي ئي با اثر سيٺيان بايڪ تي ڪڻڪ وڪرو ڪندا

پهنجو تبصرو موڪليو