سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ نوان قبرستان ٺاهڻ تي راضي

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾نوان قبرستان ٺاهڻ لاءِ زمين ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس دوران ڪي ايم سيءَ جي ميونسپل ڪمشنر افتخار شالواڻيءَ چيو ته ڪي ايم سيءَ جي انتظام هيٺ ڪراچيءَ اندر 203 قبرستان آهن جڏهن ته شهر جي آبادي تيزيءَ سان ۽ مسلسل وڌندي رهي ٿي جنهن ڪري قبرستانن جي لاءِ وڌيڪ زمين جي ضرورت آهي. جنهن بعد چيف سيڪريٽريءَ حڪم ڏنو ته گڏاپ ۾ 3 سو ايڪڙ، بن قاسم ٽائون ۾ 2 سو ايڪڙ زمين قبرستانن لاءِ ڏني ويندي. چيف سيڪريٽريءَ اهو به چيو ته ڪراچي ويسٽ ضلعي ۾ 2 سو ايڪڙ ۽ ڪراچي ايسٽ ۾ هڪ سو ايڪڙ زمين به قبرستان لاءِ ڏني وڃي. زمين ڏيڻ لاءِ سمري جلد سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوريءَ لاءِ اماڻي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو