ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ نئين بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو آهي.هن چيو ته سنڌ جو ٽرانسپورٽ کاتي ڪراچي ۾ نئين بس سروس شروع ڪرڻ وارو آهي.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي روڊن تي هاڻي دنيا جون جديد ترين برقي بسون نظر اينديون.صوبائي وزير جو اهو به چوڻ آهي ته هي پاڪستان جون پهرين اليڪٽرڪ گاڏيون آهن جيڪي مڪمل طور تي ماحول دوست آهن، سڀاڻي کان شهر ۾ ٽيسٽ ڊرائيو شروع ڪرڻ وارا آهيون.










