سنڌ حڪومت پئسا وٺي ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهي هئي:ڪمال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال الزام لڳايو آهي ته سنڌ حڪومت پئسا وٺي ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهي آهي.ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪرين بابت اسٽي ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت وٽ ڪجهه ڏينهن هئا پر هو 50 هزار نوڪريون ڏئي رهيا آهن.مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته آفيسرن کي چوان ٿو ته غير قانوني ڪم نه ڪريو، نيب ۾ حڪومت توهان کي بچائڻ لاءِ نه ايندي ۽ نه ئي توهان کي پوئتي ڇڏينداسين، ڀرتيون ميرٽ کانسواءِ ٿي رهيون هيون جنهن کي ايم ڪيو ايم روڪيو.هن چيو ته سمورا عمل اسان جي نظر ۾ آهن، اسان کي روزگار ڏيڻ تي ڪو اعتراض ناهي پر ميرٽ تي ڏنو وڃي.سندس چوڻ آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سڄي پاڪستان لاءِ ڪوٽا آهي ۽ ڪراچي جي شاگردن لاءِ ڪو به ڪوٽا ناهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي ڀرتين کان روڪيو آهي، سنڌ ۾ ڀرتيون گذريل تاريخن تي ٿينديون رهيون آهن.نيب چيئرمين کي خط لکيو ويو آهي، اميد آهي ته هو جاچ ڪندو.هن چيو ته ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ ٿي رهيون آهن، ڀرتين واري معاملي تي اينٽي ڪرپشن ۽ نيب اختيارين کي به لکيو آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ڀرتيون سنڌ اسيمبلي جي اندر ڪيون ويون، عدالتي حڪم آهن ته پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ نوڪريون نٿيون ڏئي سگهجن، اهڙي ريت نوڪريون ڏيڻ عدالت جي توهين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو