سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾9 محرام الحرام جا جلوس برآمد،عزاداري

ڪراچي (نمائمدن وٽان)اوٻاوڙو ويجهو سڄي ملڪ جيئان 9 محرم الحرام جي حوالي سان سيد اسرا حسين شاہ جي حويلي کان جلوس بر آمد ٿي پڪو ڳوٺ سيد احمد شير جي امام بارگاھ پهتو،اوٻاوڙو جتي عزادارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي سينا زني چاڪو ۽ مڇلين جو آزادانا استعمال ڪيو ويو،سيڪورٽي جا بندوبست انتهائي سخت ڪيا ويا مجلس عزاء ٻڌڻ بعد لنگر لحسيني ڪرڻ بعد جلوس پنهنجي پنهنجي رستن ڏانهن روان دوان ٿي اختتام بزير ٿي ويو…روھڙي مان ساڍا پنج 550 سؤ سال تاريخي ماتمي جلوس برپا ڪيو ويو جنھن ۾ لکين عزادارن جي شرڪت ڪربلا جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ان ڏس ۾ نائين محرم الحرام جي رات جو دير سان شاھ خرسان امام بارگاھ کان ڪربلا مولا وارو تعزيو برآمد ڪيو ويو، زيارت کي ڏسڻ لاءِ روھڙي جي مختلف بازارو ۽ ميدانن تي لکين ماڻھون موجود ھئا فجر مھل روايتي طرح سان شمع گل پڻ ڪئي وئي، آخر ۾ صبح جو سج اڀرڻ وقت ڪربلا مولا واري تعزيي کي منڊي کبڙ وٽ رکيو ويو جڏھن ته شمع گل جي ماتم ۾ رش ۽ حبس سبب ھڪ عزادارن فوت ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي فوت ٿيل عزادارن جي سڃاڻپ سکر شاليمار لڳ ڊسٽرڪٽ جيل جو رھواسي آغا شاھزيب پٽ آغا احمد نواز پٺاڻ طور ٿي جڏھن ته تاريخي ماتمي جلوس جي موقعي تي روھڙي شھر مڪمل سيل ڪيو ويو ھو ۽ 9 محروم الحرام جي منجھند جو عزادارن منڊي کبڙ وٽان ٻيھر ڪربلا مولا واري تعزيي کي برپا ڪيو جيڪو روھڙي جي شاھي بازار ڍڪ بازار واري رستن کان گذاري ڪربلا مولا واري ميدان تي شھيد حسين رضه جي زري ڀرسان تعزي کي ميدان تي رکيو ويو، جنھن کي 10محرم الحرام جي منجھند جو ٻيھر کنيو ويندو ۽ شام جو وڇوڙي ۽ تعزيي جي نھر واري رسم ادا ڪئي روھڙي ۾ 10 محرم الحرام جي موقعي تي پڻ سخت حفاظتي انتظام جاري رکيا ويندا…دادو جي مرڪزي امام بارگاهه حيدري جي حيدري اسڪائوٽ پاران 9 محرم الحرام جي موقعي تي شھر جو گشت ڪري فيلگ مارچ ڪيو ويو فليگ مارچ جي قيادت اسڪائوٽ چئيرمين سيد عبادت حسين شاھ مرڪزي انجمن حيدري جي ضلع صدر سيد فدا حسين ڪاظمي. زوار ذيشان علي چارڻ محب علي سخيراڻي .راجا الطاف عباسي عبدالرحمان ميمڻ ۽ ٻين ڪئي فليگ مارچ مرڪزي امام بارگاهه حيدري دادو کان ٿيندو ايس ايس پي آفيس پهتو جتي ايس ايس پي عبدالخالق پيرزاده ۽ ڊي ايس پي عبدالخالق وڳڻ ڊي آئي بي انچارج عبدالستار ميراڻي پاران حيدري اسڪائوٽ جي نوجوانن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ماتمي جلوسن ۾ جھڙي طرح پوليس ڊيوٽي ڏني آھي ان طرح حيدري اسڪائوٽ جي نوجوانن بہ بھترين ڊيوٽي سرانجام ڏني آھي…. ٽنڊو محمد خان ۾ محرم احرام جي سلسلي ۾ مجلسن ماتمي جلوسن ۽ عذادرين جو سلسلو جاري ٽنڊو محمد خان شهر اندر پنڌرنهن کان وڌيڪ ذوالجناحن علم پاڪن سيجن تابوتن سان ماتمي جلوس برامد ڪيا ويا جنهن ۾ انجمن حيدر قرار طرفان مڱڻهارن واري پڙ مان علي اڪبر مڱڻهار ۔ اسلم مڱڻهار انور مڱڻهار عابد علي مڱڻهار راجا غضنفر عديل پاٽولي خادم خاصخيلي بابر مڱڻهار سڪندر علي مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس برامد ڪيو ويو جيڪو شهر جي مختلف پڙن تي پهتو جتي عذادارن پاران يا حسين جون صدائون ڏيندي روانا ٿيا ۔جڏهن ته عذادارن لاء سبيل ۽ نياز جو بندو بست ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو