سنڌ ۾ برسات،جهڙ،ناٿن شاهه ۾ ڳڙو، ڪڻڪ کي نقصان

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان وسڪاري بعد موسم ته خوشگوار ٿي وئي آهي پر ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهتو آهي.  خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڳڙي سان گڏ برسات آبادگارن جي وات مان گرهه کسي ورتو آهي، ڳڙي سبب ڪڻڪ جا گڏا ڇڻي ويا آهن. هن سال ڪڻڪ جي خريداري اڃا شروع نه ٿي سگهي آهي. هڪ پاسي ڀاڻ تان وفاقي حڪومت سبسڊي ختم ڪئي، ڊيزل جو اگهه وڌايو ويو ۽ ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير سبب هاري پريشان آهن. لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، ڪنڊيارو، سوڀوديرو، ميهڙ، سيتاروڊ ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان ڪٿي تيز ته ڪٿي وري هلڪي برسات پئي آهي.  برسات دوران تيز هوا گهلڻ سبب ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا ۽ ڪچن گهرن کي به نقصان پهچڻ جا اطلاع مليا آهن. سنڌ مان ڳڙي جو اطلاع صرف خيرپور ناٿن شاهه مان مليو آهي. سنڌ جي اترين علائقن ۾ سڄو ڏينهن جهڙالي موسم رهي ۽ ڪالهه جيان هوا ته هلندي رهي پر اها گرم نه هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو