سنڌ جي ورهاست نه پر وحدت جا حامي آهيون، محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي، سنڌ جي وحدت تي يقين رکي ٿي. صوبي کي لساني يا انتظامي طور ورهائڻ کي هرگز قبول ڪو نه ڪندي ڇو ته ان سان لسانيت ۽ موقعي پرست ڌرين کي هٿي ملندي . اها ڳالهه جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شوريٰ ۾ منظور ٿيل هڪ سياسي ٺهراءُ ۾ چئي وئي. جيڪو سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي صدارت هيٺ قباء آڊيٽوريم ۾ ٿيو. ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته طاقتور اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۾ جاگيردار ۽ سرمايه دار طبقي کي گڏ کڻي پنهنجي گرفت اڃان وڌيڪ مضبوط رکڻ چاهي ٿي. نان اشوز کي اشوز بڻائي بيروزگاري، بد امني، ڪرپشن ۽ نا اهلي مان عوام جو توجه هٽائڻ، وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. ڪراچيءَ کان ڪشمور سڄي سنڌ هن وقت ٻٽي عذاب ۾ آهي. هڪ طرف پي پي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي بدترين حڪومت ته ٻئي پاسي حڪومت جي ناروا سلوڪ جي ڪري سنڌ جو عوام سخت بي چيني ۽ پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي. سنڌ جي شهري علائقن خاص طور حيدرآباد، ڪراچي ڄاڻايل پارٽين جي ڪرپشن ڦرمار ڪري گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ڪراچي جنهن جي سڃاڻ روشنين جي شهر جي ٿيندي هئي پر پي پي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي نا اهل حڪمراني ڪري ان وقت بي شمار مسئلن جو شڪار آهن. ايم ڪيو ايم شهر جي دعويدار آهي مگر هو صرف اختيارن جو روئيندا رهيا عملي طور هو صفائي به نه ڪرائي سگهيا. جيڪا انهن جي بنيادي ذميواري هئي. سانوڻي جي برسات انهن جي ڪارڪردگي کي اڃان وڌيڪ وائکو ڪري ڇڏيو، جيڪا انتهائي افسوس ۽ شرمناڪ ڳالهه آهي. ميئر ڪراچي جي ڪرپشن خلاف سپريم ڪورٽ پڻ کيس طلب ڪيو بلڪه ايستائين چيو ته “ توهان ڪڏهن ٿا ڪراچي جي جان ڇڏيو ” سنڌ ۾ پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارڪردگي به انتهائي مايوس ڪن رهي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ڪميٽي ٺڳي جي ٺاهه کان سواءِ ڪجهه به ڪو نه آهي. ٺهراءُ ۾ گهر ڪئي وئي ته مڪاني نظام کي منظم، وسيلن توڙي اختيارات سميت سنڌ ۾ بر وقت بلدياتي چونڊن کي يقيني بڻايو وڃي .

پهنجو تبصرو موڪليو