اعجاز ممنائي
سنڌ جي تاريخ قربانين، محبتن ۽ وحدت جي تاريخ آهي. هي اها ڌرتي آهي جتي لطيف سائين راڳ ۾ وحدت جو پيغام ڏنو، جتي سچل سرمست انسانيت جو درس ڏنو ۽ جتي جي ايم سيد “سنڌين جي هڪ قوم” هجڻ جو نعرو بلند ڪيو. پر اڄ جڏهن اسان سنڌ اسيمبلي ڏانهن نظر کڻون ٿا ته اتي سياست جي نالي تي جيڪا “مڪاري” هلي رهي آهي، اهو سڌو سنڌ جي وحدت تي وار آهي ۽ اهڙو وار اسان کي هرگز نامنظور آهي.سنڌ اسيمبليء ڇهون ڀيرو ان ساڳئي فلور تان سنڌ جي وحدت تي وار نامنظور واري قرارداد پاس ڪئي آهي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت رکندڙ پيپلز پارٽي چئن ڏينهن جي بحث مباحثي هيٺ نثار کهڙو جي پيش ڪيل رٿ کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو جڏهن ته مخالف ڌر جن ۾ ايم ڪيو ايم جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي شامل هيون تن قرارداد جي حمايت تي پختا دليل پيش ڪندي به روايتي بائيڪاٽ ڪندي سنڌوديش نامنظور جا نعرا لڳايا جڏهن ته قرارداد “سنڌوديش” ٺاهڻ نه پر “سنڌ کي وڌيڪ صوبن يا يونٽن ۾ نه ورهائڻ” جي ڳالهه هئي۔افسوس هن اهم اجلاس ۾ خود اڪثريتي جماعت جي اڪثر ميمبرن اسيمبلي جو تقدس برقرار نه رکيو ۽ اهڙي غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي جنهن مان قوم کي سندن تربيت جي خبر پئجي ويئي۔سنڌ اسيمبلي سنڌ جي 5 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪندڙ اعليٰ ايوان آهي. هي اها جاءِ آهي جتي ٻولي، وسيلن، تعليم ۽ روزگار جهڙن مسئلن تي قانون سازي ٿيڻ گهرجي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه ڏينهن کان هن ايوان ۾ جيڪي تقريرون ۽ الزام تراشيون ٿيون آهن، انهن ۾ سنڌ جي مسئلن کان وڌيڪ ذاتي مفاد، گروهي تعصب ۽ ٻاهران ايندڙ ايجنڊا نظر اچي رهيو آهي. ميمبرن جو ڪم عوام کي ورهائڻ نه پر جوڙڻ آهي. پر جڏهن ايوان مان ئي “قومپرستي”، “فرقيواريت” ۽ “لساني تعصب” جا نعرا لڳايا وڃن ته اهو سنڌ جي صدين پراڻي رواداري تي سڌو حملو آهي.هن وقت تائين سنڌ جي وحدت تي وار ڪيترن ئي صورتن ۾ ٿيا آهن جيئن:
1. لساني ڪارڊ جو استعمال: ڪڏهن سنڌي-مهاجر جو نالو ڏئي، ڪڏهن شهري_ ٻهراڙي جو فرق پيدا ڪري عوام کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هي سازش پراڻي آهي پر هاڻي اها اسيمبلي جي فرش تان ٿي رهي آهي.
2. ضلعي ۽ قبيلائي تعصب: ڪجهه ميمبر پنهنجن ضلعن ۽ قبيلن جي نالي تي ترقياتي فنڊن ۽ نوڪرين جو مطالبو ڪري باقي سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ جو پيغام ڏين ٿا. اهو “وحدت” جي خلاف سڀ کان وڏو جرم آهي.
3. ٻاهرين ايجنڊا جي حمايت: جڏهن ڪي ميمبر سنڌ جي وسيلن، پاڻي ۽ زمين جي معاملن تي غير واضح موقف اختيار ڪن ٿا، ته اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهي سنڌ جي مفاد بجاءِ ڪنهن ٻئي جي مڪاري جو اوزار بڻيل آهن.سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ هيء مڪاري ٽن شڪلين ۾ ظاهر ٿي رهي آهي۔ هڪ ٻٽو معيار جنهن ۾ عوام سان هڪ ڳالهه ۽ ايوان ۾ ٻي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. عوام کي وحدت جو درس ڏيڻ ۽ پاڻ ورهائڻ جي سياست ڪري رهيا آهن.ٻيو خاموش سازش ڪري اهم بلن تي بحث نه ڪرڻ، پر غير ضروري ۽ جذباتي مسئلن کي ايوان ۾ آڻي وقت ضايع ڪيو وڃي ٿو ۽ ٽيون عوام کي گمراهه ڪرڻ لاء سوشل ميڊيا ۽ پريس ڪانفرنس ذريعي اڌ سچ ڳالهائي سنڌ جي مختلف طبقن ۾ نفرت پيدا ڪئي وڃي ٿي.جيڪڏهن سنڌ جي وحدت تي وفاق طرفان وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته چئن ڏينهن جي بحث ۾ وفاق خلاف ڪهڙو فيصلو يا مطالبو ڪيو ويو؟ سنڌ جي ٽوڙڻ يا وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه اگر وفاق جي نمائندي محسن نقوي ڪئي ته ڇا ان کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو۔ سنڌاسيمبلي اجلاس ۾ اقتداري جماعت جي اڪثر ميمبرن جي تقريرن مان ائين لڳي رهيو هو ته اسيمبليء ۾ مخالف ڌر جي سيٽن تي ويٺل ميمبرن اهو بيان جاري ڪيو آهي۔ مڪاريء جي انتها اها آهي ته جنهن وفاق مان سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه اٿي آهي اتي پيپلز پارٽي انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي۔ايتري تائين جو جنهن وقت پيش ڪيل قرارداد پاس ٿي رهي هئي ان وقت پيپلز پارٽي جو سربراهه لنڊن ۾ حمايتي جماعت سان مستقبل ۾ حڪومت سازيء بابت فارمولا طئي ڪري رهيو هو۔ آخر اها ٻٽي پاليسي ٺاهي عوام جو مهانگائي ڪرپشن تيل جي روزانو وڌندڙ قيمتن ۽ بيروزگاريء جهڙن مسئلن تان توجه ڇو ٿا هٽايو۔
اسان سنڌ جي باشعور عوام جي حيثيت ۾ اهو واضح چئون ٿا ته سنڌ جي وحدت تي سودو نامنظور آهي سنڌي، بلوچ، مهاجر، سرائيڪي، پنجابي سڀ سنڌ جا رهواسي آهن. ڪوبه اسان کي ورهائي نٿو سگهي. ميمبرن کان جوابدهي آهي جيڪي ميمبر ايوان کي ذاتي جنگ جو ميدان بڻائين پيا، عوام انهن کان ايندڙ چونڊن ۾ حساب وٺندو.انڪري اسيمبلي کي حقي ڪم ڏانهن آڻيو۔ پاڻي، تعليم، صحت، بيروزگاري ۽ امن امان تي ڳالهايو. تعصب ۽ مڪاري جي سياست بند ڪيو. بار بار ساڳيون قراردادون پاس ڪرڻ وارو رواج هاڻي ختم ڪري پاس ٿيل قراردادن تي عمل ڪرايو۔ ڇوته سنڌ اسان جي ماءُ آهي. ماءُ جي وحدت تي وار ڪندڙ کي سنڌ جو ڪوبه فرزند معاف نه ڪندو. جيڪي اڄ اسيمبلي ۾ ويهي مڪاري ڪري رهيا آهن، اهي ياد رکن ته سنڌ جي عوام کي پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي وحدت جو پاس آهي. جيئن شهيدن پنهنجي رت سان سنڌ جي وحدت جي حفاظت ڪئي آهي، تيئن اڄ به هر سنڌي کي ان وحدت جي حفاظت ڪرڻي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ هي سازشون ۽ مڪاريون اسان کي ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهن.










