ڪراچي (نمائندن وٽان) انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور ريليون ڪڍيون ويون. لاڙڪاڻي مان عبدالوحيد ابڙو مطابق ڪشميرين سان يڪجهتي طور گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول کان بئنڊ باجن سان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ڊي اِي او لٽريسي عبدالمالڪ چانڊيو، تعليم کاتي جي مانيٽرنگ آفيسر عنايت الله چانڊيو، پرائيوٽ اسڪول جي آفيسر ادريس سيال، پائليٽ اسڪول جي پرنسپال الله بخش سومرو، استادن عبدالرشيد تونيو، محمد موسيٰ سرگاڻي، وحيد قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران عبدالرسول تونيو، عبدالصمد سرهيو، ڪاشف سيال، محمد اسماعيل مغيري، سلطان ڪورائي، ارباب چنو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾، سنڌ امن ڪاميٽي پاران سماجي اڳواڻ ذوالقرنين سيال، جاويد ٽڳڙ، عثمان قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نيشنل پيس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان زنده باد موومينٽ پاران غلام محي الدين منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾، پاڪستان پيٽرياٽڪ يوٿ ۽ پاڪستان يوٿ ڪائونسل جنرل سيڪريٽري نظر حسين ابڙو، ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر يونس علي ابڙو، ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر راجا سليمان بروهي، سٽي لاڙڪاڻي جي صدر اسماعيل سانگي، احمر اڪبر ڦل، ڊاڪٽر عرفان جاگيراڻي، آصف علي عباسي، راجا منير جتوئي، ذيشان کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب تائين ريليون ڪڍيون ويون. *** لعلورائنڪ مان عبدالحق تنيو مطابق انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي گورنمينٽ بوائز هاءِ طرفان ڪشميرين سان يڪجهتي طور شاگردن ۽ استادن پاران ڪشمير بني گا پاڪستان ڏينهن ملهايو ويو. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر الهرکيو چانديو ،استاد علي حسن پيچوهو، عبدالجبار تنيو ۽ ٻين استادن جي اڳواڻي ۾ هڪ هاءِ اسڪول کان هڪ زبردست ريلي ڪڍي وئي.
جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي بس اسٽاپ پھتي. جتي ڀارت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. *** مٺي مان لياقت نهڙيو مطابق مرڪز اهلسنت مسجد و مدرسه مٺي پاران ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ نوراني مسجد کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ ڪشمير ۽ پاڪستان جا پرچم کنيل هئا. ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ڪشمير چوڪ تي پهتي جتي ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي جي پتلي کي باهه ڏني وئي. ريـلي جي اڳـواڻـي مولانا اسد رضــا ٺٽـوي ڪئي ريلي ۾ فوجي واحد بخش، جميل بجير، ولي محمد، قادر بجير بــرڪت جان بجير، نواز عطاري، فھد راڄڙ، احمد بجير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. *** رتوديرو مان عطاءُ الله بروهي مطابق گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رتوديرو طرفان استادن انور علي سومرو، عبدالڪريم سپڙو، منير سولنگي، پمن لعل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين اسڪول جي شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي ريلي شھر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب رتوديرو پهتي جتي شاگردن پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده باد جا نعره هنيا ويا. *** خانواهڻ مان عاجز امتياز نوح پوٽو مطابق ڪشمير سان يڪجهتي طور ڪشمير بني گا پاڪستان ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي پرنسپل سيد غياث الدين شاه، استاد منظور حسين ڪيريو، استاد عزيزالله ڪونڌر، استاد غلام جيلاني،استاد سبحان علي ڀنڊ ڪئي. ريلي ۾ اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. لاکاروڊ مان اظهر جلباڻي مطابق ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ هاءِ اسڪول کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا بازار جو گشت ڪندي حيدري چوڪ تي پهتي. جتي استاد اڪبر پٺاڻ ،عاطف علي آرائين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي آهي،ڪشميري ڀائرن تي هندستان حڪومت پاران ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا آهن. *** ڪشمور مان اصغر علي چانڊيو/ جي ايم کوسو مطابق سول سوسائٽي ھاءِ اسڪول ٽائون جي استادن، شاگردن طرفان ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. سول سوسائٽي اڳواڻن نورالبشر پٺاڻ، نصير سولنگي ،احمد علي سيال ،عامر ڪلوڙ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٽائون جي استادن ۽ شاگردن ھٿن ۾ جمون ڪشمير جا جھنڊا کڻي شهر جو ڪندي ڀارتي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ٻئي طرف بيگناھ ڪشميرين مٿان جاري جبر ۽ ڏاڍ خلاف ڪشمور ۾ سول سوسائٽي پاران نورالبشر پٺاڻ, استاد عبدالرحيم ملڪ, نصير احمد سولنگي جي اڳواڻي مسلم بازار چوڪ کان پريس ڪلب تائين سوين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ويئي.
ان موقعي تي ريلي ۾شامل ماڻهن پاران مودي سرڪار خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. *** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق ڪشميرين سان اظهاريڪجھتي ۽ همدردي طور تعليم کاتي نوابشاهه پاران جاويد احمد انڙ، قادر بخش چانڊيو، عبدالڪريم کوسو، دانش اقبال قريشي، دين محمد پٺاڻ، مجاهد حسين، شفيق قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ڊي سي اسڪول کان هڪ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جو گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي، جڏهن ته ريلي ۾ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول، ايڇ ايم خواجه ڊي سي هاءِ اسڪول، نيا مدرسه هاءِ اسڪول، تاج اعظم ڪالوني هاءِ اسڪول، مسلم هاءِ اسڪول، حاجي بشير هاءِ اسڪول سميت ٻين اسڪول جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** نئون ديرو مان شاهه محمود ڀٽو مطابق ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ نئون ديرو جي گورنمينٽ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول جي سوين شاگردن ۽ استادن پرنسپال عبداللطيف قاضي، حسام الدين ڀٽو، مختيار علي مڱريو، سينيئر استاد بسنت لال، اختيار ڪٽپر، عبدالستار پهوڙ، عمران پهوڙ، نظام الدين، عبدالقيوم ماهوٽو، فياض سيال ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هاءِ اسڪول کان ريلي ڪڍي “ڪشمير بني گا پاڪستان” جا زوردار نعرا هڻندي پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو. *** گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو مطابق هندو برادري پاران انساني حقن جي ڏهاڙي تي ڪشميرين سان يڪجهتي طور مکي ڪيڪارام. درشن سنگھ، پرڀداس، فرصت مون، ڊاڪٽر وڪرم لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان پاڪستان چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ شريڪ هندن ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا هڻي رهيا هئا. *** ڊگهڙي مان سيد بشير شاهه مطابق انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي گورنمينٽ بوائز مين پرائمري اسڪول سنڌي ميڊيم کان ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ ۽ انڊيا جي ظلمن خلاف ماستر اعجاز، سردار جٽ، ماستر رائچند، محمد عرفان راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ اسڪولي ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جيڪي ڪشمير جي عوام جي حق ۾ نعريبازي ڪري رهيا هئا ريلي شهر جي مختلف روڊن کان ٿيبدي پريس ڪلب ڊگهڙي پهتي. *** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪشمير۾ ٿيندڙ ظلم خلاف ڪارو ڏينهن ڪري ملھايو ويو . ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽ ۽ ضلعي انتظاميان طرفان سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن کي لياقت علي کوسو، غلام رسول ميراڻي، احمد شاد کوسو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. *** جوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح مطابق انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سني تحريڪ پاران ڪشميرين ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت خلاف پاڪستان سني تحريڪ جي صوبائي اڳواڻ مولوي منظور احمد قادري، محمد صديق ميمڻ، راشد ميمڻ، فيروز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڀارت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ويئي. *** اوٻاوڙو مان غلام علي رند مطابق سڄي ملڪ جيئان اوٻاوڙو ۾ انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ سياسي سماجي پارٽين جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت غير قانوني مداخلت ۽ اقوام متحدہ جي انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان قومي امن ڪاميٽي انفارميشن ونگ طرفان اوٻاوڙو ۾ قومي امن ڪاميٽي براءِ بين المذاھب ھم آھنگي پاڪستان جي مرڪزي وائيس چيئرمين حاجي پير بخش ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ڀارتي جارھيت خلاف رونتي روڊ کان مين ڀٽائي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي قومي امن ڪاميٽي انفارميشن ونگ جي مرڪزي وائيس حاجي چيئرمين پير بخش ڀٽي، لالا نبي بخش ڀٽي، وڪيل امداد ڪوڀر، ڀورا رام توگا، شوڪت ملڪ، اسد گرگيج ، الياس ملڪ ۽ ٻين چيو ته ڀارتي مودي سرڪار ڪشمير ۾ ڪشميري عوام مٿان ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي قيمتي جانيون ضايع ڪري رھي آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. *** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو مطابق ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر ، سرسو ۽ مختلف اسڪولن طرفان انسان حقوق جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڪشميرين سان اظهار يڪجهيءَ لاءِ سوشل آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي قيادت ڊپٽي ڊائريڪٽر عرفان الله ميمڻ، نذير احمد ميمڻ، عنايت الله منڱريو، شفيق احمد صديقي ۽ تحسين جتوئي ڪئي. ان موقعي تي خطاب دوران هنن چيو ته ڀارت ڪشمير مٿان ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، پر ڪشميرن جا حوصلا اڃان تائين بلند آهن. آخر ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ۽ انساني حقن جي تنظمين يو اين او کان مطالبو ڪيو ته ڪشمير مٿان ٿيندڙ ظلم جو فورن نوٽيس وٺي ڪشميرين سان انصاف ڪيو وڃي.