سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفان، برسات، بجلي غائب، موسم بهتر

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سبب مٽي جا طوفان، گجگوڙ، ڪٿي ڪٿي برسات، بجلي غائب، موسم خوشگوار، لکي غلام شاهه ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 6 ڄڻا دٻجي زخمي ٿي پيا، دادو، خيرپور ناٿن شاهه، مورو، نوشهروفيروز، مانجهند، قاضي احمد، دولتپور ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ڪثي زياده برسات پوڻ جا اطلاع مليا آهن. لکي غلام شاهه ڀرسان سومر ڳوٺ ۾ ڳڙو پوڻ سبب واحد بخش مهر جي گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن سبب ٻارڙي زوھه، ساجد، دعا، صدام ۽ واحد بخش زخمي ٿي پيا. ابتدائي اطلاعن موجب ڪيترن ئي شهرن ۾ سائن بورڊ پٽجي ويا ۽ ڇپرن جون ڇتيون اڏامي ويون آهن. سڪرنڊ مان راج ڪماراوڏ موجب گذريل رات تيز طوفان ۽ بارش سبب سڪرنڊ ۽ ان جي آسپاس ڪيترن ئي ڪکاون گھرن ۽ اوطاقن جون ڇتون اڏامي ويون. ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ ڪچو گھر ڪرڻ سبب لالو باگڙي فوت ٿي ويو، گُل بھار چانڊيو جون 24 ٻڪريون، شير محمد زنگيجو جون 5 ٻڪريون مري ويون.  يوسي چئيرمين باغ علي جلباڻي جي اوطاق جي ڇت اُڏامي وئي ۽  ڪوٽ پڻ ڪري پيو. ڳوٺ حاجي دائود گداري جي رهواسي علي جان گدارو جون 7 ٻڪريون مري ويون جڏھن ته ڌنار فقيرو جتوئي زخمي ٿي پيو. بارش کان پوء سڪرنڊ شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي بجلي جو نظام درهم برهم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو