سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ثقافتن ۾ شمار آهي،نديم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي واري صوبائي سيڪريٽري ندیم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت کي دنيا جي قديم ثقافتن ۾ شمار ڪيو وچي ٿو. هن چيو ته بسنت هال حيدرآباد جي انتظاميه پاران سنڌ جي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اطلاعات کاتي وارو صوبائي سيڪريٽري ندیم الرحمان ميمڻ اڄ بسنت هال حيدرآباد ۾ ” گرينڊيور آف مڪلي“ جي عنوان سان نمائش جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.هن چيو ته مڪليءَ کي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم مقام حاصل آهي، مڪليءَ جو قبرستان سنڌ جي تاريخ جو شاهڪار نمونو آهي، اڄ جي نمائش جو مقصد ماڻهن کي مڪلي جي عظمت جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ بيان ڪرڻ آهي. هن بهترين نمائش منعقد ڪرڻ تي بسنت هال حيدرآباد جي منتظمين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر بسنت هال ثوبیہ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا ان کان اڳ سنڌ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نمائش جو پڻ جائزو ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو