سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ 26 فيبروري تي موڪل جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي شب برات جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو آهي.صوبائي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلي موجب 26 فيبروري سومر ڏينهن سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول ۽ ڪاليج بند رهندا.شب برات هر سال اسلامي مهيني شعبان جي 15هين رات ٿيندي آهي، ان موقعي تي سڄي ملڪ ۾ خصوصي مذهبي مجلسون منعقد ڪيون وينديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو