سنڌ جي بقا لاءِ 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ريلي ۾ گڏجڻو پوندو

ملير(شهزادو مستوئي ) ملير ۾ جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چئيرمين نواز شاھ ڀاڏائي گلشن حديد پھچي جسقم چئيرمين صعنان قريشي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس جسم طرفان 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل تحفظ سنڌ ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا قبول ڪندي صعنان قريشي چيو ته سنڌ جي بقا لاء گڏجڻ جي ضرورت آھي. آئون ڪارڪنن سميت جسم جي ريلي ۾ شرڪت ڪندس، اڄ سنڌ کي ورھائڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن جن جو مقابلو گڏيل اتحاد ۽ ٻڌي ۾ آھي سنڌ جا ماڻھو ويڇا وساري تحفظ سنڌ ريلي ۾ شريڪ ٿين اسين شھيد بابا بشيرخان قريشي جي ڏسيل واٽ تي ھلي سڀني سان گڏجي جھدوجھد ڪرڻ لاء تيار آھيون. ان موقعي تي صعنان قريشي جو شڪريو ادا ڪندي نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته وقت جي ضرورت آھي ته قومپرست ھڪ ٿين اڄ جي حالتن ۾ بشيرخان قريشي جي کوٽ محسوس ڪري رھيا آھيون سنڌ کي سنگين خطره لاحق آھن وطن جي ورھاڱي جا سانباھا ٿي رھيا آھن اھڙين سازشن خلاف 6 آڪٽوبر تي لکين سنڌي ڪراچي ۾ گڏ ٿين ته جئين دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏئي سگھون ان کان علاو سيد نواز شاھ ڀاڏائي پنھجي ساٿين غلام قادر موليپوٽو گل جوکيو ياسين خاصخيلي سان گڏ گلشن حديد درساڻو ڇنو ميمڻ ڳوٺ ڪاٺوڙ گھگھر ڦاٽڪ شيدي ڳوٺ مارو ڳوٺ جو دورو ڪري مختلف سياسي سماجي شخصيتن اديبن شاعرن ۽ عوام کي 6 آڪٽوبر واري ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو