سنڌ جا نوجوان سٺا ڊاڪٽر ٿي ملڪ جي خدمت ڪن؛ عذرا پيچوهو

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) صوبائي وزير صحت ۽ بهبودي آبادي سنڌ ڊاڪٽر عذره پيچوهو چيو آهي ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هيو. جنهن کي وري شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو درجو ڏياريو. هن چيو ته هنن جو اهو وزن هو ته سنڌ جا ماڻهو لکي پڙهي سٺا ڊاڪٽر ٿي هن ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي چوٿين ڪانووڪيشن ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن ڊگري حاصل ڪندڙن شاگردن، شاگردياڻين ۽ انهن جي والدين کي مبارڪون ڏنيون. ڪانووڪيشن ۾ 500 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل، سلور ميڊل ۽ ڊگريون ڏنيون ويون. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اڄ کان توهان جي پريڪٽيڪل زندگي شروع ٿي وئي آهي ۽ توهان کي گهرجي ته بيمار ۽ دکي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو اولين فرض ڪري سمجهو ۽ مريضن جو خاص خيال رکو. هن چيو ته هي شهيد محترمه بيظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي لاءِ وڏو اعزاز آهي جنهن مان نه رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن جا مريض صحت جون سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن انهي سان گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو به هتان جي اسپتالن مان علاج ڪرائي رهيا آهن.

هن چيو ته موجوده سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته عوام کي مفت ۽ تڪڙيون سهولتون سندن درن تائين پهچايون وڃن ته جيئن کين ڪا به تڪيلف نه اچي. ان موقعي تي هن نون ڊگري حاصل ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو وقت جي پابندي ڪن ۽ پنهنجي محنت جاري ساري رکن. ان موقعي تي هن وائيس چانسلر ۽ سندس ٽيم کي مبارڪ پڻ ڏني. گيسٽ آف آنر يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ صوبي يونيورسٽيز ايڪٽ منظور ڪيو آهي جنهن تحت هر يونيورسٽيءَ جا سنڌ جي هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪئمپسز قائم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته يونيورسٽين جي ڪئمپسز وڌيڪ هجڻ سبب وڌيڪ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ميسر هوندي ان ڪري مختلف يونيورسٽين جا ڪئمپس مختلف ضلعن ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ 35 کان وڌيڪ سرڪاري يونيورسٽيون اعليٰ تعليم ڏئي رهيون آهن جنهن جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو گيسٽ آف آنر جي حيثيت سان  تقريب کي خطاب ڪندي ڊگري حاصل ڪندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪون ڏنيون ۽ مبارڪون ڏيندي کين چيو ته اڄ کان توهان تي وڌيڪ ذميواريون عائد ٿين ٿيون توهان بنا ڪنهن فرق جي دکي انسانيت جي خدمت ڪري هن ملڪ ۽ پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪيو.

ان موقعي تي وائيس چانسلر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي داڪٽر انيلا عطاءَ الرحمان ويلڪم ايڊريس پيش ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر انيلا صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو، صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهڙو، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو کي مومينٽو پيش ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻن پروفيسرن جن ۾ پروفيسر رفيه بلوچ، سرجن سڪندر شيخ، اڪبر سولنگي، ڊين سيد امتياز علي شاهه، امان الله جوکيو، ظفر پيرزادو، سڪندر مغل،  شير محمد شيخ، عبدالحليم شيخ، نور احمد بلوچ، هريش چند، اڪبر حيدر سومرو، ملڪ جلباڻي، اسدالله مهر ۽ ٻين کي لائيف ٽائيم ايوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو، صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهڙو ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان شاگردن کي گولڊ ميڊل، سلور ميڊل ۽ ڊگريون ڏنيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو وڌيڪ چيو ته پوليو جا پازيٽو ڪيسز ريفيوزل ۽ والدين جي انڪار جا آهن والدين کي گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين. 20 مان صرف 2 ڇوڪرن کي گولڊ ميڊل ملڻ جي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته والدين کي ڏسڻ گهرجي ته محنت ڪري داخلا حاصل ڪرڻ کانپوءِ شاگرد محنت ڇو نه ٿاڪن. ڇوڪريون جيڪي گهر ۾ پابند آهن جنهن جي ڪري اهي پڙهائي ڪري رهيون آهن ۽ ڇوڪرن کي سوچڻ گهرجي ته انهن جو مسقبل پڙهائي تي ٻڌل آهي صر ف رڳو پاس ٿيڻ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ پڙهائي ٿيندي ته اها افسوس جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪتي جي چڪ جا ڪيسز افسوسناڪ آهن ڪتي جي چڪ جي ڪيسز ۾ اضافي بابت ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو چيو ته جانورن جي حقن وارين تنظيمن ڪتن کي مارڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن ان لاءِ انهن کي ويڪسين ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انهن جو اثر نه ڦهلجي. ڪتي جي چڪ جي ڪري فوت ٿي ويل 6 سالا حسنين ٻگهيو جي وارثن سان سندن ڳوٺ ۾ تعزيت ڪئي ۽ کين هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.

صوبائي صلاحڪارنثار احمد کهڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ٿيندي رهي آهي ۽ هاڻي به ٿي سگهي ٿي پر وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪاميءَ سبب اليڪشن ڪميشن ۽ آرمي چيف کي ايڊهاڪ ازم تي هلڻو پئجي رهيو آهي. نثار کهڙو چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرريءَ جو معاملو پارلياماني ڪميٽي ذريعي حل نه ٿيو ته پوءِ اهو معاملو عدالت ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو معاملو عدالت ۾ ويو ته پوءِ اهو عمل پارلياماني سسٽم جي ناڪامي هوندو. هن چيو ته 18هين ترميم تحت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري ليڊر آف هائوس ۽ ليڊر آف اپوزيشن جي اتفاق راءِ سان مذاڪرات ذريعي عمل ۾ ايندي آهي پر وفاقي حڪومت جي روين ۽ ضد اهڙي فضا پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب حڪومت ۽ اپوزيشن جماعتن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ نئين صوبي جو صوبائي اسيمبلي ذريعي ڪو به اهڙو مطالبو نه آهي ان ڪري سنڌ ۾ ٻئي صوبي قائم ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندي، ايم ڪيو ايم نون صوبن جي قيام بابت پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪري سنڌ ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪري سندن اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ، ڪنٽرولر ۽ يونيورسٽي جا ڊين، پرنسپال سي ايم سي ڊاڪٽر ڪي داس ۽ پروفيسر، شاگرد،انهن والدين، معزز شهري موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو