سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ توڙي روڊ رستن تي امن امان خواب بڻجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اگوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي گھر ڪئي آھي تہ بااثر ڌرين، پوليس ۾ موجود ڪارين رڊن توڙي ڏوھارين جو نيٽ ورڪ ختم،حڪومت شھرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۽ امن امان جي بحالي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي گھر ڪئي آھي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جا شهر، ٻهراڙيون توڙي روڊ رستن تي امن شهرين لاءِ خواب بڻجي ويو آهي، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اختيارن، بجيٽ باوجود امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪا آهن، هر سال عوام جي کيسي مان اربين رپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ ڪنهن به شهري جي جان محفوظ آهي نه ئي وري عزت. صوبائي امير محمد حسين محنتي اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اڄ ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جون گهٽيون ۽ رستا رهزنن جي قبضي ۾ آهن جڏهن ته جنسي بگهڙ نياڻين جي عزتن تي حملا ڪري رهيا آهن، پر حڪمران انتهائي بيشرمي سان “ سڀ ڪجھ ٺيڪ ” جو راڳ الاپڻ ۾ مصروف آهن، ڪراچي ۾ ڦُرلٽ، رهزني توڙي قتل جون وارداتون تيزي سان وڌي رهيون آهن، صرف ڪراچي شھر ۾ سال2023 جي شروعاتي 06 مهينن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون44 هزار وارڌاتون ٿيون آهن، هي اهي انگ اکر آهن جيڪي ٿاڻن ۾ درج ٿيا آهن جڏهن ته مزاحمت تي 72 شهري پنهنجي قيمتي جانين کان محروم ٿي چڪا آهن، وڏي وزير پاران ڪراچي ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو اعتراف سندس ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي، رسمي دعوائون ۽ بيان بازي بعد امن امان جي صورتحال ۾ بهتري بدران وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته هوءَ هنگامي بنيادن تي رهزنن خلاف قدم کڻن ڇو ته اهو رڳو ڪشمور ۽ ڪراچي جو نه بلڪه سموري سنڌ جو مسئلو آهي. ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ايم اين اي، ايم پي اي کان ويندي ضلعي حڪومت پ پ وٽ هجڻ باوجود ضلعي جي عوام کي بي رحم ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي ھاڻي تہ خود پوليس بہ رھزنن کا محفوظ ڪونہ آھن، ڪشمور ۾ ايس ايڇ او سميت پوليس اھلڪارن جي اغوا جو واقعو ان جو چٽو مثال آھي.جڏهن ته عروس العباد ڪراچي ۾ ڪنهن به شهري جي عزت،جان مال محفوظ ڪونه آهي. اهڙي حڪومت کي عوام کان ٽيڪس وصول ۽ مٿن حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونه اهي جيڪا عوام جي عزت، جان ۽ مال جو تحفظ نٿي ڪري سگهي. صوبائي امير زور ڀريندي چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ٻي صورت ۾ جماعت اسلامي عوام جي تحفظ لاءِ عدالتن کان روڊن تائين جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو