اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا پنجاب حڪومت کي فلڊ ڪئنال تي بجلي گهر ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سنڌ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. ارسا جي ڊائريڪٽر آپريشنز محمد خالد ادريس رانا طرفان تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي تعمير ڪرڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾لکيو ويوآهي ته 17 آڪٽوبر تي ارسا جي اجلاس دوران هائيڊل بجلي گهر اڏڻ واري منصوبي تي مشاورت ڪئي وئي، جنهن ۾ اڪثريت راءِ سان تڪراري ڪئنال تي 25 ميگاواٽ جو بجلي گهر تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ارسا سنڌ جي اعتراض کي به رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سي جي لنڪ ڪئنال غير مستقل وهندڙ واهه ۽ بين الصوبائي واهه آهي اُن تي بجلي گهر اڏڻ وارو معاملو ارسا جي دائري ۾ نٿو اچي. اجلاس ۾ سنڌ بجلي گهر ٺاهڻ واري منصوبي جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ۽ وفاق جي نمائندن منصوبي جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن منصوبي خلاف سنڌ حڪومت کي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي.










